بيجنگ-27 اپريل (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزارت يورپي يونين جي صنعتي ايڪٽ کي پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ وڏي رڪاوٽ ۽ اداره جاتي اڻبرابري قرار ڏيندي ان تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب يورپي يونين جو ايڪٽ بيٽريز اليڪٽرڪ گاڏين، فوٽو وولٽائلس ۽ اهم خام مال جهڙن 4 اهم شعبن ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري تي پابنديون لاڳو ڪري ٿو جڏهن ته بيان ۾ چيو ويو آهي ته ان …
يورپي يونين جو ايڪٽ سيڙپڪاري ۾ رڪاوٽ ۽ اڻبرابري وارو سلوڪ قرار، چين پاران سخت ڳڻتي جو اظهار

مزید خبریں
بيجنگ-27 اپريل (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزارت يورپي يونين جي صنعتي ايڪٽ کي پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ وڏي رڪاوٽ ۽ اداره جاتي اڻبرابري قرار ڏيندي ان تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب يورپي يونين جو ايڪٽ بيٽريز اليڪٽرڪ گاڏين، فوٽو وولٽائلس ۽ اهم خام مال جهڙن 4 اهم شعبن ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري تي پابنديون لاڳو ڪري ٿو جڏهن ته بيان ۾ چيو ويو آهي ته ان قانون ۾ يورپي يونين جي مقامي مواد بابت شرط به شامل آهن جيڪي سيڙپڪاري ۽ مدد جي پاليسين ۾ انبرابري جي نوعيت رکن ٿا. چين جي واپار واري وزارت ان حوالي سان يورپي يونين ڪميشن کي باضابطه طور تي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪندي تبصرا جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. چين موجب اهو قانون عالمي واپاري اصولن خاص طور تي برابر سلوڪ ۽ سڀ کان وڌيڪ پسنديده ملڪ جهڙي بنيادي اصولن جي خلاف ورزي جو سبب بڻجي سگهي ٿو. وڌيڪ چيو ويو آهي ته اهو قدم نه رڳو چين جي سيڙپڪارن سان اڻبرابري جو سلوڪ هوندو پر يورپي يونين جي گرين ٽرانزيشن کي به سست ڪري سگهي ٿو ۽ منصفاڻي چٽاڀيٽي کي متاثر ڪندو. چين يورپي يورپي يونين تي زور ڀريو آهي ته هو پرڏيهي سيڙپڪاري خلاف اڻبرابري جا شرط ، مقامي مواد جو لازمي شرط ٽيڪنالاجي جي متقلي جي گهرج ۽ سرڪاري خريداري ۾ پابنديون ختم ڪري. ترجمان واضح ڪيو ته چين ان قانون سازي جي عمل تي گهري نظر رکندو ۽ يورپي يونين سان ڳالهيون جاري رکڻ جو خواهشمند آهي جڏهن ته چين جي ڪمپنين جي مفادن کي نقصان ٿيو ته مناسب جوابي قدم کنيا ويندا.











