جاپان ۾ 6.1 جي شدت جو زلزلو، سونامي وارننگ جاري ناهي ڪئي وئي

ٽوڪيو _ 27 اپريل (اي پي پي ) جاپان جي اترئين ٻيٽ هوڪائيڊو ۾ سومر ڏينهن صبح جو 6.1 جي شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق زلزلو مقامي وقت مطابق صبح جو 5 لڳي 24 منٽن تي آيو . اختيارين مطابق زلزلي جي اونهائي اٽڪل 80 ڪلو ميٽرن تائين هئي جڏهن ته هوڪائيڊو جي مختلف علائقن خاص ڪري اوراهورو ۾ ان جي شدت جاپاني سيمسڪ اسڪيل تي …

ٽوڪيو _ 27 اپريل (اي پي پي ) جاپان جي اترئين ٻيٽ هوڪائيڊو ۾ سومر ڏينهن صبح جو 6.1 جي شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق زلزلو مقامي وقت مطابق صبح جو 5 لڳي 24 منٽن تي آيو . اختيارين مطابق زلزلي جي اونهائي اٽڪل 80 ڪلو ميٽرن تائين هئي جڏهن ته هوڪائيڊو جي مختلف علائقن خاص ڪري اوراهورو ۾ ان جي شدت جاپاني سيمسڪ اسڪيل تي وڌيڪ رڪارڊ ڪئي وئي . زلزلي جو مرڪز 42.6 درجي ۾ اتر طرف هو . اختيارين واضع ڪيو آهي ته زلزلي سبب ڪنهن به قسم جي سونامي وارننگ جاري ناهي ڪئي وئي . شروعاتي اطلاع مطابق زلزلي جي نتيجي ۾ ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جو ڪو اطلاع ناهي مليو. لاڳاپيل اداري جي صورتحال تي نظر رکيل آهي.