لبيا ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ تي اڳڀرائي، وزيراعظم ۽ گڏيل قومن جي نمائندن جي اهم ملاقات

 طرابلس _27 اپريل (اي پي پي) لبيا جي وزيراعظم گڏيل قومن جي نمائندي سان ملاقات ۾ ملڪ جي ڊگهي عرصي کان التوا جو شڪار قومي چونڊون منعقد ڪرڻ لاءِ روڊ ميپ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق حڪومتي ذريعن ٻڌايو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي خصوصي نمائندي وزيراعظم کي گڏيل قومن جي حمايت سان تيار ڪيل منصوبي تي بريفنگ ڏني. جنهن جو مقصد رياستي ادارن …

 طرابلس _27 اپريل (اي پي پي) لبيا جي وزيراعظم گڏيل قومن جي نمائندي سان ملاقات ۾ ملڪ جي ڊگهي عرصي کان التوا جو شڪار قومي چونڊون منعقد ڪرڻ لاءِ روڊ ميپ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق حڪومتي ذريعن ٻڌايو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي خصوصي نمائندي وزيراعظم کي گڏيل قومن جي حمايت سان تيار ڪيل منصوبي تي بريفنگ ڏني. جنهن جو مقصد رياستي ادارن کي گڏ ڪرڻ آهي. هن ٻڌايو ته تازو ” مني ڊائيلاگ “ ان روڊ ميپ جي پهرين مرحلي جو حصو آهي. جنهن ۾ چونڊ قانون کي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ هاءِ نيشنل ڪميشن جي بورڊ جي جوڙجڪ شامل آهي. وزيراعظم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته سندس حڪومت اهڙن عملي قدمن جي حمايت جاري رکندي جيڪي ملڪ کي ” سويلين رياست “ طرف کڻي وڃن، ۽ چونڊن قانون جي تڪميل بعد فوري چونڊون منعقد ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. ٻئي پاسي گڏيل قومن جي نمائندي لبيا جي مختلف ڌرين وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۽ سياسي عمل جي ڪاميابي لاءِ هر ممڪن سهڪار جاري رکڻ جو يقين ڏياريو.