واشنگٽن _ 27 اپريل (اي پي پي) آمريڪي فوج اوڀر ماٺي سمنڊ ۾ مبينه طور منشيات اسمگلنگ ۾ ملوث ٻيڙي کي نشانو بڻايو ، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ماڻهو مارجي ويا . پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي سدرن ڪمانڊ مطابق اها ڪارروائي هڪ اهڙي ٻيڙي خلاف ڪئي وئي جيڪا منشيات جي اسمگلنگ لاءِ استعمال ٿي رهي هئي ۽ معلوم رستن تي سفر ڪري رهي هئي. اختيارين جو چوڻ آهي ته …
آمريڪي فوج پاران اوڀر ماٺي سمنڊ ۾ ڪارروائي، مبينه منشيات بردار ٻيڙي تي حملو، 3 ڄڻا مارجي ويا

مزید خبریں
واشنگٽن _ 27 اپريل (اي پي پي) آمريڪي فوج اوڀر ماٺي سمنڊ ۾ مبينه طور منشيات اسمگلنگ ۾ ملوث ٻيڙي کي نشانو بڻايو ، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ماڻهو مارجي ويا . پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي سدرن ڪمانڊ مطابق اها ڪارروائي هڪ اهڙي ٻيڙي خلاف ڪئي وئي جيڪا منشيات جي اسمگلنگ لاءِ استعمال ٿي رهي هئي ۽ معلوم رستن تي سفر ڪري رهي هئي. اختيارين جو چوڻ آهي ته ٻيڙي کي ” نامزد دهشتگرد تنظيمن “ جي استعمال هيٺ ٺاهيو ويو هو. بيان مطابق ان آپريشن دوران ڪنهن به آمريڪي فوجي کي نقصان ناهي پهتو . آمريڪي سدرن ڪمانڊ جو چوڻ آهي ته خطي ۾ منشيات جي اسمگلنگ خلاف ڪارروايون جاري آهن.











