صدر آصف علي زرداري پاران ڏکڻ آفريڪا جي قيادت کي سندن قومي ڏينهن تي مبارڪباد

اسلام آباد -27 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڏکڻ آفريڪا جي قيادت کي سندن قومي ڏينهن تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان ڏکڻ آفريڪا سان پنهنجي دوستاڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو. هن ان عزم کي ورجايو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده لاڳاپا مستقبل ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا. سومر تي ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل هڪ پيغام ۾، صدر آصف …

اسلام آباد -27 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڏکڻ آفريڪا جي قيادت کي سندن قومي ڏينهن تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان ڏکڻ آفريڪا سان پنهنجي دوستاڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو. هن ان عزم کي ورجايو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده لاڳاپا مستقبل ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا. سومر تي ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل هڪ پيغام ۾، صدر آصف علي زرداري ڏکڻ آفريڪا جي صدر ماتاميلا سيرل رامافوسا ۽ ڏکڻ آفريڪا جي عوام کي انهن جي قومي ڏينهن تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان ڏکڻ آفريڪا سان پنهنجي دوستاڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو جيڪي هڪجڙن قدرن، گڏيل اعتماد ۽ امن، ترقي ۽ گهڻ طرفي تعاون جي گڏيل عزم تي ٻڌل آهن. صدر آصف علي زرداري ڏکڻ آفريڪا ۾ نسل پرست (اپار ٿائيڊ) جي حڪومت جي دور ۾ پاڪستان جي اصولي موقف جو ذڪر ڪندي چيو ته 1948ع ۾ ئي پاڪستان ڏکڻ آفريڪا جي نسل پرست حڪومت سان گڏوگڏ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. صدر آصف علي زرداري چيو ته ماڻهن کي اڃا تائين پاڪستاني پاسپورٽ تي لڳل اها مُهر اڃان ياد آهي جنهن تي لکيل هوندو هو ته، هي پاسپورٽ ڏکڻ آفريڪا (نسل پرست) ۽ اسرائيل لاءِ ڪارآمد نه آهي، ۽ اهو 1994ع ۾ ڏکڻ آفريڪا ۾ نسل پرستي جي خاتمي تائين جاري رهيو. صدر آصف علي زرداري ان يقين جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده لاڳاپا ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ مُستحڪم ٿيندا، جيڪي ٻنهي قومن جي عوام لاءِ وڌيڪ خوشحالي ۽ ڀلائي جو سبب بڻجندا.

مزید خبریں