چرنوبل ايٽمي حادثو عالمي تاريخ جو هڪ وڏو سانحو هو، عالمي برادري ايٽمي تحفظ ۽ سلامتي جي اعليٰ ترين معيارن کي يقيني بڻائي: آصف علي زرداري

اسلام آباد- 26 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چرنوبل جي ايٽمي حادثي جي 40 هين ورسي جي موقعي تي عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته هو ايٽمي تحفظ ۽ سلامتي جي اعليٰ ترين معيارن کي يقيني بڻائي ته جيئن انسانيت کي اهڙن سانحن کان محفوظ رکي سگهجي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر چيو ته ايٽمي حادثن جا اثر ڪنهن هڪ علائقي …

اسلام آباد- 26 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چرنوبل جي ايٽمي حادثي جي 40 هين ورسي جي موقعي تي عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته هو ايٽمي تحفظ ۽ سلامتي جي اعليٰ ترين معيارن کي يقيني بڻائي ته جيئن انسانيت کي اهڙن سانحن کان محفوظ رکي سگهجي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر چيو ته ايٽمي حادثن جا اثر ڪنهن هڪ علائقي يا نسل تائين محدود ناهن رهندا پر ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين جاري رهي سگهن ٿا. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته چرنوبل کانپوءِ صورتحال عالمي تعاون جي اهميت کي واضح ڪيو آهي جتي گڏيل قومن ۽ ٻين ادارن تحقيق، طبي امداد ۽ بحالي پروگرامن ذريعي متاثر ماڻهن جي مدد ڪئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته ان سانحي مان حاصل ٿيل سبق واضح آهي ته ايٽمي تحفظ صرف فني معاملو ناهي پر ان لاءِ سخت نگراني، مسلسل احتياط ۽ اعليٰ درجي جي ذميواري گهربل آهي، هن خبردار ڪيو ته ايٽمي ٺڪاڻن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي جا اثر وڏا ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته اهڙا حادثا عام شهرين لاءِ شديد مشڪلاتن جو سبب بڻجن ٿا، جن ۾ زرعي زمينون پوکي لائق نه رهنديون آهن، خوراڪ ۽ پاڻي جي کوٽ، جبري لڏپلاڻ ۽ صحت جا مسئلا شامل آهن. هن ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان ايٽمي تحفظ ۽ سلامتي جي عالمي معيارن تي سختي سان عمل ڪري رهيو آهي ۽ سمورين عالمي ڪوششن جي حمايت جاري رکندو جيڪي ايٽمي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ محفوظ مستقبل کي يقيني بڻائڻ لاءِ جاري آهن. هن چيو ته چرنوبل جو واقعو هڪ واضح يادگيري آهي ته ان شعبي ۾ معمولي غلطي جي به گنجائش ناهي ڇاڪاڻ ته ان جي قيمت ايندڙ نسلن کي ادا ڪرڻي پوندي آهي. 1986ع ۾ پيش آيل چرنوبل ايٽمي حادثو عالمي تاريخ جو هڪ اهم سانحو هو جنهن ايٽمي خطرن ۽ ذميواري بابت شعور اجاگر ڪيو، ان حادثي جي نتيجي ۾ ايٽمي مواد جي پکيڙ بيلاروس، يوڪرين ۽ روس سميت وسيع علائقن تائين پهتي ۽ لکين ماڻهن کي متاثر ڪيو، جڏهن ته ان جا اثر ڊگهي عرصي تائين برقرار رهيا. هي ڏينهن اسان کي ايٽمي مواد جا ڏور روس ۽ پائيدار اثرن کي تسليم ڪرڻ جي ياد ڏياري ٿو جيڪو نه رڳو عوامي صحت پر ماحول ۽ معيشت تي به گهرا اثر وجهي ٿو.

مزید خبریں