اسلام آباد -26 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وائيٽ هائوس ۾ فائرنگ جي واقعي تي گهري صدمي ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته کيس واشنگٽن ڊي سي ۾ ڪجهه گهڙيون پهرين وائيٽ هائوس ڪريسپانڊنٽس ايسوسيئيشن ڊنر دوران پيش آيل فائرنگ واري افسوسناڪ واقعي تي صدمو پهتو آهي. هن اطمينان جو اظهار …
وزيراعظم شهباز شريف پاران وائيٽ هائوس ۾ فائرنگ واري واقعي تي افسوس، صدر ٽرمپ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد -26 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وائيٽ هائوس ۾ فائرنگ جي واقعي تي گهري صدمي ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته کيس واشنگٽن ڊي سي ۾ ڪجهه گهڙيون پهرين وائيٽ هائوس ڪريسپانڊنٽس ايسوسيئيشن ڊنر دوران پيش آيل فائرنگ واري افسوسناڪ واقعي تي صدمو پهتو آهي. هن اطمينان جو اظهار ڪيو ته صدر ٽرمپ، خاتون اول ۽ ٻيا شريڪ واقعي ۾ محفوظ رهيا. وزيراعظم، صدر ٽرمپ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي سندس سلامتي لاءِ دعا ڪئي. واضح رهي ته اطلاعن موجب گذريل رات وائيٽ هائوس ڪريسپانڊنٽس ايسوسيئيشن ڊنر دوران فائرنگ جو واقعو پيش آيو، جنهن ۾ صدر ٽرمپ سميت سمورا شرڪت ڪندڙ محفوظ رهيا، جڏهن ته هڪ شڪي شخص کي گرفتار ڪيو ويو.











