لاهور-26 اپريل (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني آچر ڏينهن پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان ۽ مملڪتي وزير ملڪ رشيد احمد خان سان ملاقات ڪئي ۽ ملڪ محمد احمد خان سان سندس ڀيڻ جڏهن ته ملڪ رشيد احمد خان سان سندس ڀاڻيجي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. ان موقعي تي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي 2 جو چيئرمين سيد علي حيدر گيلاني، ڊاڪٽر ملڪ امير خان …
وقتي صدر جي پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر سان ملاقات، سندس ڀيڻ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

مزید خبریں
لاهور-26 اپريل (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني آچر ڏينهن پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان ۽ مملڪتي وزير ملڪ رشيد احمد خان سان ملاقات ڪئي ۽ ملڪ محمد احمد خان سان سندس ڀيڻ جڏهن ته ملڪ رشيد احمد خان سان سندس ڀاڻيجي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. ان موقعي تي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي 2 جو چيئرمين سيد علي حيدر گيلاني، ڊاڪٽر ملڪ امير خان ۽ ملڪ تيمور خان به مجود هئا. وقتي صدر مملڪت مرحومه جي درجن جي بلندي ۽ ڏکويل خاندان لاءِ صبر جي دعا ڪئي. هن چيو ته هو ڏک جي ان گهڙي ۾ سندن ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي.











