نيپرا کي 25 ڪلو واٽ کان گهٽ سولر صارفين لاءِ فيس ختم ڪرڻ ۽ لائسنس جي ضرورت نه هئڻ لاءِ نظرثاني جو چيو آهي: پاور ڊويزن جو ترجمان

اسلام آباد -26 اپريل (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري جي هدايتن تي پاور ڊويزن نيپرا کي 25 ڪلو واٽ کان گهٽ سولر صارفين لاءِ فيس ختم ڪرڻ ۽ لائسنس جي ضرورت نه هئڻ لاءِ نظرثاني جو باضابطا چيو آهي، گذريل ڏينهن توانائي وزارت پاران جاري بيان موجب پاور ڊويزن جي اداري اڳ به ان فيصلي جي اثرن کان نيپرا کي آگاهه ڪيو هو …

اسلام آباد -26 اپريل (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري جي هدايتن تي پاور ڊويزن نيپرا کي 25 ڪلو واٽ کان گهٽ سولر صارفين لاءِ فيس ختم ڪرڻ ۽ لائسنس جي ضرورت نه هئڻ لاءِ نظرثاني جو باضابطا چيو آهي، گذريل ڏينهن توانائي وزارت پاران جاري بيان موجب پاور ڊويزن جي اداري اڳ به ان فيصلي جي اثرن کان نيپرا کي آگاهه ڪيو هو ۽ ان کي پراڻن ريگيوليشنز موجب ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي. 2015ع تي پراڻن ضابطن تحت 25 ڪلو واٽ يا ان کان گهٽ صلاحيت جي نظام لاءِ نيپرا کان لائسنس جي ضرورت نه هئي. ان سلسلي جي درخواستن تي سڌي ريت ورڇيندڙ ڪمپنين ذريعي بنا ڪنهن  فيس جي پروسيس ڪيو ويندو هو.  جيڪا گهريلو صارفين لاءِ هڪ وڏي مالي ترغيب جو سبب هئي. جڏهن ته پروزيومر ريگيوليشنز ننڍن پلانٽس لاءِ به منظوري جو اختيار نيپرا  کي ڏئي ڇڏيو آهي ۽ انهن تي ريپبلڪيشن فيس به لاڳو ڪئي آهي. پاور ڊويزن ٻڌايو ته پرائيويٽ پاور اينڊ انفرا اسٽرڪچر  بورڊ به ان تبديلي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو ۽ نيپرا کان مطالبو  ڪيو هو ته 25 ڪلو واٽ يا ان کان گهٽ جي نظامن لاءِ پراڻي منظوري واري نظام کي برقرار رکيو وڃي.

مزید خبریں