اسلام آباد -26 اپريل (اي پي پي) آبي ماهرن چيو آهي، ته سنڌ طاس معاهدي جي معطلي جي غيرقانوني ڀارتي قدم سان پاڪستان کي مستقبل ۾ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو ۽ زراعت جي شعبي تي به ناڪاري اثر پوڻ جو خدشو آهي. اڳوڻي انڊس واٽر ڪمشنر جماعت علي شاهه سڌ سماءَ جي عالمي ذريعن کي انٽرويو ۾ چيو ته جيڪڏهن هڪ ڌر ڪنهن به معاهدي …
سنڌ طاس معاهدي جي معطلي جي غيرقانوني ڀارتي قدم سان پاڪستان کي مستقبل ۾ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو: آبي ماهر

مزید خبریں
اسلام آباد -26 اپريل (اي پي پي) آبي ماهرن چيو آهي، ته سنڌ طاس معاهدي جي معطلي جي غيرقانوني ڀارتي قدم سان پاڪستان کي مستقبل ۾ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو ۽ زراعت جي شعبي تي به ناڪاري اثر پوڻ جو خدشو آهي. اڳوڻي انڊس واٽر ڪمشنر جماعت علي شاهه سڌ سماءَ جي عالمي ذريعن کي انٽرويو ۾ چيو ته جيڪڏهن هڪ ڌر ڪنهن به معاهدي کان پوئتي هٽي ٿي ته اهو ان جي غير سنجيدگي کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن گذريل هڪ سال تي نظر وڌي وڃي ته ڀارتي قدمن سان پاڪستان کي وڌيڪ نقصان ته ناهي ٿيو پر مستقبل ۾ ان جا اثر پئجي سگهن ٿا. هن چيو ته هڪ ڌر ڏهاڪا پراڻي معاهدي کي معطل رکي ٿي يا ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته ٻي ڌر جي ڳڻتي ۾ اضافو هڪ لازمي ڳالهه آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته پاسڪتان ان معاملي تي سلامتي ڪائونسل سان رابطو ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان لاءِ اهو معاهدو ڪا رعايت نه پر ان معاهدي تحت ئي اسان 3 درياهه ڀارت کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو. قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ۽ آبي معاملن جي ماهر محسن لغاري ان حوالي سان چيو ته سنڌ طاس معاهدي تي عمل ضروري آهي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن پاڪستان پاران وهندڙ درياهه چناب جي ڳالهه ڪيون ته ڀارت چڙ ڏياريندڙ قدمن تحت پنهنجا ڊيم اوچتو ڀرڻ شروع ڪري ڇڏي ٿو جنهن سان پاڪستان ڏانهن پاڻي جو وهڪرو گهٽجي وڃي ٿو. ٻئي پاسي ڀارت اوچتو انهن ذخيرن کي خالي ڪري ٿو ته ان سبب پاڪستان ڏانهن پاڻي جي وهڪري ۾ اوچتو وڏو اضافو ٿئي ٿو ۽ بوڏ واري صورتحال پيدا ٿئي ٿي. محسن لغاري چيو ته فصلن لاءِ وقت تمام اهم هوندو آهي ۽ جيڪڏهن مقرره وقت تي پاڻي نه ملي ته آبادگارن کي نقصان ٿئي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن ڀارت پاران پاڻي جي وهڪري بابت آگاهه نه ٿو ڪيو وڃي ته ان سان پاڪستان جي منصوبابندي متاثر ٿيندي ۽ ڪڏهن ضرورت کان گهٽ پاڻي ملندو ته ڪڏهن تمام وڌيڪ پاڻي ٻوڏ جا خدشا پيدا ڪري ٿو.











