اسلام آباد -26 اپريل (اي پي پي) پاڪستان جي آمريڪا، چين ۽ گڏيل قومن ۾ اڳوڻي سفير سردار مسعود خان چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ شروعاتي ڳالهين کان پوءِ پاڪستان مسلسل سفارتي سرگرميون برقرار کيون جنهن ذريعي اڳڀرائي جاري رهي ۽ ڌرين وچ ۾ اعتماد بحال ڪرڻ ۾ مدد ملي. گذريل ڏينهن هڪ بيان ۾ هن سفارتي ناڪامي واري تاثر کي رد ڪندي چيو ته شروعاتي ڳالهين …
آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ شروعاتي رابطن کان پوءِ پاڪستان مسلسل سفارتي سرگرميون برقرار رکيون: سردار مسعود خان

مزید خبریں
اسلام آباد -26 اپريل (اي پي پي) پاڪستان جي آمريڪا، چين ۽ گڏيل قومن ۾ اڳوڻي سفير سردار مسعود خان چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ شروعاتي ڳالهين کان پوءِ پاڪستان مسلسل سفارتي سرگرميون برقرار کيون جنهن ذريعي اڳڀرائي جاري رهي ۽ ڌرين وچ ۾ اعتماد بحال ڪرڻ ۾ مدد ملي. گذريل ڏينهن هڪ بيان ۾ هن سفارتي ناڪامي واري تاثر کي رد ڪندي چيو ته شروعاتي ڳالهين کان پوءِ به پاڪستان پوري طرح متحرڪ رهيو. هن چيو ته پاڪستان جي ڪردار يا عزم ۾ ڪنهن به قسم جي مايوسي نه ٿي ۽ اسلام آباد ۾ امن عمل جي تسلسل کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنهنجي رابطن ۾ وڌيڪ تيزي آندي. اهم سفارتي قدمن جو ذڪر ڪندي هن ٻڌايو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير تهران جو اهم دورو ڪيو، جتي هن ايران جي اعليٰ قيادت سان ملاقاتون ڪيون، جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف دوحه، رياض ۽ انقره سميت خطي جي اهم گادي وارن هنڌن جو دورو ڪيو. انهن قدمن جو مقصد علائقائي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ، ايران سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ۽ هڪ ٽياڪڙ طور پاڪستان جي ڪردار کي مضبوط بڻائڻ هو. هن ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي جي تازي پاڪستان جي دوري کي تهران جي اعتماد جو واضح اظهار قرار ڏنو. هن چيو ته سيد عباس عراقچي جي آمد ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ايران پاڪستان جي سهولتڪاري جي ڪردار تي مڪمل اعتماد رکي ٿو، پاڪستان جي ڪردار کي ڪمزور ڪرڻ جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿي چڪيون آهن. هن ان عمل کي هڪ وسيع تسلسل جو حصو قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان جي سفارتڪاري شروعاتي رابطن کان اڳيان وڌي هاڻي هڪ منظم مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جتي امڪاني معاهدي جي فني، قانوني ۽ سياسي رخن تي ڪم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته هر تڪرار جو حل آخرڪار ڳالهين جي ميز تي ئي ٿيندو آهي ۽ مستقل رابطا اڻٽر آهن.











