پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر سان مختلف سياسي ۽ حڪومتي شخصيتن جي ملاقات

لاهور-26 اپريل (اي پي پي) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان سان مختلف سياسي ۽ حڪومتي شخصيتن، اسپيڪر هائوس ۾ ملاقاتون ڪيون ۽ سندس ڀيڻ ۽ مملڪتي وزير ملڪ رشيد احمد خان جي ڀاڄائيءَ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان، وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ۽ سينيٽر پرويز رشيد ڌار …

لاهور-26 اپريل (اي پي پي) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان سان مختلف سياسي ۽ حڪومتي شخصيتن، اسپيڪر هائوس ۾ ملاقاتون ڪيون ۽ سندس ڀيڻ ۽ مملڪتي وزير ملڪ رشيد احمد خان جي ڀاڄائيءَ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان، وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ۽ سينيٽر پرويز رشيد ڌار ڌار ملاقاتن ۾ تعزيت ڪندي مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ۽ مغفرت جي دعا ڪئي. هنن مرحومه جي درجن جي بلندي ۽ پوئينرن لاءِ صبر جي دعا به ڪئي. ان موقعي تي سينيئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب، صوبائي اسيمبلي ميمبر ملڪ احمد سعيد، ڊاڪٽر ملڪ امير خان، سردار فاروق، ملڪ تيمور خان، ڊاڪٽر سردار علي اياز صادق ۽ عابد حسين به موجود هو. سمورن اڳواڻن مرحومه لاءِ  مغفرت ۽ گهرڀاتين لاءِ صبر جي دعا ڪئي. 

مزید خبریں