لاهور -26 اپريل (اي پي پي) پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪشن ڪميٽي زمبابوي خلاف 3 ون ڊي ميچن جي سيريز لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي. اها سيريز 4 کان 9 مئي تائين ڪراچي جي نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته ان ئي هنڌ تي 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز 12 کان 15 مئي تائين شيڊول آهي. جنهن لاءِ ٽيم جو اعلان بعد ۾ …
زمبابوي خلاف ون ڊي سيريز لاءِ پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جو 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان
لاهور -26 اپريل (اي پي پي) پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪشن ڪميٽي زمبابوي خلاف 3 ون ڊي ميچن جي سيريز لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي. اها سيريز 4 کان 9 مئي تائين ڪراچي جي نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته ان ئي هنڌ تي 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز 12 کان 15 مئي تائين شيڊول آهي. جنهن لاءِ ٽيم جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. ون ڊي سيريز ۾ قومي ٽيم جي قيادت فاطمه ثنا ڪندي، سيريز آءِ سي سي وومينز چيمپيئن شپ 29-2025ع جو حصو آهي ۽ ٽئي ميچون 4، 6 ۽ 9 مئي تي منجهند جو 3 لڳي 30 منٽن تي شروع ٿينديون. پاڪستان وومين ٽيم هن وقت چيمپيئن شپ پوائنٽس ٽيبل تي ٻن پوائنٽسن سان پنجين پوزيشن تي موجود آهي. اسڪواڊ ۾ مومنه رياست کي پهريون ڀيرو شامل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته باقي اسڪواڊ ۾ فاطمه ثنا (ڪپتان) عاليه رياض، عائشه ظفر، ڊيانا بيگ، گل فيروزه، مومنه رياست، منيبه علي (وڪيٽ ڪيپر) نجيهه علوي (وڪيٽ ڪيپر) نشره سنڌو، نتاليه پرويز، رامين شميم، صدف شمس، سدره امين، سيده عروب شاهه ۽ تسميه رباب شامل آهن. ٽيم سپورٽ اسٽاف ۾ عائشه اشعر (ٽيم مينجر)، وهاب رياض (مينٽور / هيڊ ڪوچ)، عبدالرحمان (اسپن بولنگ ڪوچ)، عميد آصف (فاسٽ بولنگ ڪوچ)، عبدالمجيد (فيلڊنگ ڪوچ)، عمران فرحت (بيٽنگ ڪوچ)، محمد ارسلان (ميڊيا مينجر)، وليد احمد (اينالسٽ)، معين (اسٽرينٿ اينڊ ڪنڊيشننگ ڪوچ)، تحريم سمبل (فزيو ٿراپسٽ) ۽ ڪرن شهزادي شامل آهن. سيريز موجب 4 مئي تي پهرين ميچ، 6 مئي ٻي ۽ 9 مئي تي ٽين ون ڊي ميچ کيڏي ويندي، جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي ميچون 12، 14 ۽ 15 مئي تي شام جو ساڍي ستين وڳي کان شروع ٿينديون.












