واشنگٽن -26 اپريل (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي موجودگي ۾ وائيٽ هائوس ڪريسپانڊنٽس ايسوسيئيشن ڊنر دوران فائرنگ جو واقعو پيش آيو، جنهن ۾ صدر ٽرمپ محفوظ رهيو، جڏهن ته حملو ڪندڙ کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي موجودگي ۾ منعقد ٿيندڙ سالياني وائيٽ هائوس ڪريسپانڊنٽس ڊنر تقريب مقامي وقت موجب ان وقت رد ڪئي وئي، جڏهن هوٽل ۾ فائرنگ جو واقعو …
وائيٽ هائوس ڪريسپانڊنٽس ڊنر دوران فائرنگ، آمريڪي صدر محفوظ، حملو ڪندڙ گرفتار

مزید خبریں
واشنگٽن -26 اپريل (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي موجودگي ۾ وائيٽ هائوس ڪريسپانڊنٽس ايسوسيئيشن ڊنر دوران فائرنگ جو واقعو پيش آيو، جنهن ۾ صدر ٽرمپ محفوظ رهيو، جڏهن ته حملو ڪندڙ کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي موجودگي ۾ منعقد ٿيندڙ سالياني وائيٽ هائوس ڪريسپانڊنٽس ڊنر تقريب مقامي وقت موجب ان وقت رد ڪئي وئي، جڏهن هوٽل ۾ فائرنگ جو واقعو پيش آيو. رپورٽن موجب صدر ٽرمپ کي هيڊ ٽيبل تان فوري طور تي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته تقريب ۾ شريڪ سمورا ماڻهو محفوظ رهيا. تقريب جي اندروني ويڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته شرڪت ڪندڙ صدر جي نڪري وڃڻ دوران حفاظتي قدمن تحت جهُڪي ويا. رپورٽن موجب صدر ٽرمپ ۽ ٻين اهم شخصيتن کي حفاظت سان ڪڍيو ويو، جڏهن ته سيڪيورٽي ادارن هڪ شڪي شخص کي حراست ۾ ورتو آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن واقعي جي جاچ سروع ڪري ڇڏي آهي. اهو پهريون موقعو هو ته صدر ٽرمپ صدر جي حيثيت سان ان تقريب م شريڪ ٿيو ۽ هن کي خطاب به ڪرڻو هو. محفوظ هنڌ تي منتقل ڪيل ٻين شخصيتن ۾ نمائندن واري ايوان جو اسپيڪر مائيڪ جانسن ۽ نائب صدر جي ڊي وينس به شامل هئا. صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ سيڪريٽ سروس جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪندي چيو ته انهن فوري ۽ بهادري سان ڪارروائي ڪئي. هن چيو ته واشنگٽن ۾ هڪ غير معمولي شام رهي، سيڪرٽ سروس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن شاندار ڪم ڪيو. صدر ٽرمپ چيو ته هن تقريب جاري رکڻ جي سفارش ڪئي هئي، جڏهن ته اسان مڪمل طور تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي هدايتن تي عمل ڪنداسين. وائيٽ هائوس ڪريسپانڊنٽس ايسوسيئيشن جي صدر ويجيا جيانگ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته پروگرام بعد ۾ ڪنهن به وقت ٻيهر منعقد ڪيو ويندو.











