سعودي عرب ۾ وڌيڪ 12 هزار 192 پرڏيهي گرفتار

رياض -26 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب ۾ هڪ هفتي دوران اقامه، ليبر ۽ سرحدي قانونن جون وڌيڪ 12 هزار 192 ڀڃڪڙيون رڪارڊ ڪيون ويون آهن، جڏهن ته 17 هزار 368  پرڏيهين کي سندن ملڪ واپس موڪليو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا گهرو وزارت جي رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته  16 کان 22 اپريل 2026ع جي وچ ۾ مجموعي طور تي 6 هزار 606  ماڻهن کي اقامه قانون، …

رياض -26 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب ۾ هڪ هفتي دوران اقامه، ليبر ۽ سرحدي قانونن جون وڌيڪ 12 هزار 192 ڀڃڪڙيون رڪارڊ ڪيون ويون آهن، جڏهن ته 17 هزار 368  پرڏيهين کي سندن ملڪ واپس موڪليو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا گهرو وزارت جي رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته  16 کان 22 اپريل 2026ع جي وچ ۾ مجموعي طور تي 6 هزار 606  ماڻهن کي اقامه قانون، 3 هزار 510 کي غيرقانوني طور سرحد پار ڪرڻ جي ڪوششن ۽ 2 هزار 76  کي پورهئي واري قانون جي ڀڃڪڙي تي حراست ۾ ورتو ويو آهي. غيرقانوني طور سعودي عرب ۾  داخل ٿيڻ جي ڪوشش تي هڪ هزار 454  ماڻهن کي حراست ۾  ورتو ويو. انهن ۾ 67 سيڪڙو ايٿوپين، 32 سيڪڙو يمني ۽ هڪ سيڪڙو ٻين ملڪن سان تعلق رکندڙ آهن. ان کان علاوه وڌيڪ 50 اهڙن ماڻهن کي به پڪڙيو ويو آهي، جيڪي سرحد پار ڪري سعودي عرب ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. سفر، رهائش، روزگار ۽ پناهه ڏيڻ جي ڪوششن ۾ ملوث 22 ماڻهن کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي.