اسلام آباد - 25 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين جي حڪومت جي دعوت تي ڇنڇر کان پهرين مئي 2026ع تائين چين جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب صدر پنهنجي دوري دوران 25 کان 27 اپريل تائين چانڪشا (صوبي هونان) ۽ 28 اپريل کان پهرين مئي تائين سانيا (صوبي هينان) جو دورو ڪندو. ان موقعي تي صدر چيني صوبائي قيادت سان ملاقات ڪندو …
صدر آصف علي زرداري ڇنڇر کان پهرين مئي 2026ع تائين چين جو دورو ڪندو

مزید خبریں
اسلام آباد – 25 اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين جي حڪومت جي دعوت تي ڇنڇر کان پهرين مئي 2026ع تائين چين جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب صدر پنهنجي دوري دوران 25 کان 27 اپريل تائين چانڪشا (صوبي هونان) ۽ 28 اپريل کان پهرين مئي تائين سانيا (صوبي هينان) جو دورو ڪندو. ان موقعي تي صدر چيني صوبائي قيادت سان ملاقات ڪندو جن ۾ پاڪستان ۽ چين جي ٻه طرفه لاڳاپن، خاص ڪري اقتصادي ۽ واپاري تعاون ۽ چين پاڪستان اقتصادي راهداري تي تفصيلي ڳالهيون ڪندو. اهو دورو پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي پراڻي روايت جو حصو آهي. هن سال ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75هين سالگره به ملهائي پئي وڃي جنهن کي نظر ۾ رکندي ان دوري کي خاص اهميت هاصل آهي. اهو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪو آپريٽو پارٽنرشپ کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو مظهر آهي.











