اسلام آباد- 25 اپريل (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڊي اين اي جو عالمي ڏينهن ڇنڇر 25 اپريل تي ملهايو ويو. اهو ڏينهن 1953ع ۾ ڊي اين اي جي ڊبل، هيلڪس ڍانچي جي دريافت ۽ 2003ع ۾ هيومن جينووم پراجيڪٽ جي مڪمل ٿيڻ جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي. ان ڏينهن جو مقصد جينياتي تحقيق ۾ اڳڀرائي کي اجاڳر ڪرڻ ۽ انساني صحت تي ان جي اثرن …
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڊي اين اي جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد- 25 اپريل (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڊي اين اي جو عالمي ڏينهن ڇنڇر 25 اپريل تي ملهايو ويو. اهو ڏينهن 1953ع ۾ ڊي اين اي جي ڊبل، هيلڪس ڍانچي جي دريافت ۽ 2003ع ۾ هيومن جينووم پراجيڪٽ جي مڪمل ٿيڻ جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي. ان ڏينهن جو مقصد جينياتي تحقيق ۾ اڳڀرائي کي اجاڳر ڪرڻ ۽ انساني صحت تي ان جي اثرن کي سمجهڻ آهي. واضح رهي ته ڊي اين اي جو عالمي ڏينهن 25 اپريل 1953ع تي واٽسن، ڪوڪ ۽ فرينڪلن طرفان ڊي اين اي جي ساخت دريافت ڪرڻ جي اعزاز ۾ ملهايو ويندو آهي. اهو ڏينهن سائنسدانن، استادن ۽ شاگردن کي جينياتي ٽيڪنالاجي بابت سکڻ ۽ سهڪار ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪري ٿو. واضح رهي ته سڀ کان پهريان 1869ع ۾ فريڊرڪ ميشر پهريون ڀيرو ڊي اين اي دريافت ڪيو هو. ڊي اين اي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سرڪاري، غير سرڪاري، طبي ۽ نجي ادارن جي انتظام هيٺ مختلف تقريبون منعقد ڪيون ويون ته جيئن ڊي اين اي جي اهميت کي فائدن کي اجاڳر ڪري سگهجي.











