ڪراچي- 25 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مليريا جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي، ته مليريا هڪ علاج جوڳو مرض آهي، احتياط ۽ وقت سر سڃاڻپ سان زندگيون بچائي سگهجن ٿيون. هن چيو ته مليريا رڳو بخار ئي ناهي پر غفلت جي صورت ۾ موتمار به آهي. هن چيو ته مليريا جي عالمي ڏهاڙي جو مقصد سنڌ حڪومت عوام کي …
سنڌ جي وڏي وزير پاران مليريا جي عالمي ڏهاڙي تي پيغام

مزید خبریں
ڪراچي- 25 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مليريا جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي، ته مليريا هڪ علاج جوڳو مرض آهي، احتياط ۽ وقت سر سڃاڻپ سان زندگيون بچائي سگهجن ٿيون. هن چيو ته مليريا رڳو بخار ئي ناهي پر غفلت جي صورت ۾ موتمار به آهي. هن چيو ته مليريا جي عالمي ڏهاڙي جو مقصد سنڌ حڪومت عوام کي هن مرض خلاف سجاڳ ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، سنڌ صوبي مان مليريا جو خاتمو آڻينداسين، مليريا فري سنڌ جي منزل حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته سنڌ صحت کاتي کي مليريا کان بچاءُ لاءِ مهم تيز ڪرڻ گهرجي، سنڌ جا شهري پنهنجي گهرن ۽ آسپاس صفائي جو خاص خيال رکن ته جيئن مڇر پيدا نه ٿين. هن چيو ته مليريا جون علامتون ظاهر ٿيڻ تي فوري طور تي مريض کي اسپتال ريفر ڪيو وڃي جتي سرڪاري اسپتالن ۾ علاج مفت ڪيو پيو وڃي. هن مليريا کان بچاءُ لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ ۽ ميونسپالٽي کاتي کي هدايت ڪئي ته هو گندن نالن جي صفائي ۽ جراثيم ڪش اسپري جو شيڊول سخت ڪيو وڃي.











