ايڇ اي سي چيئرمين پاران چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ سمارٽ ڪلاس روم ۽ اسپورٽس ويڪ 2026ع جو افتتاح

لاڙڪاڻو- 25 اپريل (اي پي پي) هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستان جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر نياز احمد اختر، شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جو دورو ڪيو، جتي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه سميت فيڪلٽي، آفيسرن ۽ اسٽاف پاران سندن گرمجوشي سان استقبال ڪيو ويو. دوري دوران هن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۽ انسٽيٽيوٽ آف فزيوٿراپي اينڊ ريھيبليٽيشن جو دورو ڪيو، جتي هن تعليمي ۽ انفراسٽرڪچر سھولتن جو جائزو ورتو …

لاڙڪاڻو- 25 اپريل (اي پي پي) هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاڪستان جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر نياز احمد اختر، شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جو دورو ڪيو، جتي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه سميت فيڪلٽي، آفيسرن ۽ اسٽاف پاران سندن گرمجوشي سان استقبال ڪيو ويو. دوري دوران هن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۽ انسٽيٽيوٽ آف فزيوٿراپي اينڊ ريھيبليٽيشن جو دورو ڪيو، جتي هن تعليمي ۽ انفراسٽرڪچر سھولتن جو جائزو ورتو ۽ نئين قائم ڪيل سمارٽ ڪلاس روم جو افتتاح پڻ ڪيو. هن ايس ايم بي بي ايم يو اسپورٽس ويڪ 2026ع جو پڻ افتتاح ڪيو ۽ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه سان گڏ افتتاحي بيڊمنٽن راند پڻ کيڏي ۽ يونيورسٽيءَ اندر نصابي سرگرمين کي هٿي ڏيارڻ واري عمل ساراھيو. ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه کيس يونيورسٽي ۾ ٿيل ترقياتي منصوبن ۽ انفراسٽرڪچر ۾ آيل بھتري بابت بريفنگ ڏني. چيئرمين ايڇ اي سي، وائيس چانسلر جي قيادت ۽ ويزن کي ساراهيو ۽ فيڪلٽي کي تحقيق ۽ جدت طرف مائل ٿيڻ تي زور ڏنو. هن اهو پڻ واضح ڪيو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن گڏيل ۽ اثرائتي منصوبن کي هٿي ڏيڻ لاءِ تحقيقاتي فنڊنگ ۾ واڌ ڪئي آهي. هن ”سينٽر فار ايڊوانسڊ ريسرچ اِن ماليڪيولر، جينيٽڪ اينڊ الائيڊ فيسيلٽيز ايٽ ايس ايم بي بي ايم يو لاڙڪاڻو“ نالي ايڇ اي سي جي فنڊ ڪيل منصوبي جو جائزو پڻ ورتو ۽ ان جي ترقي تي اطمينان جو اظھار ڪيو. دوري جي پڄاڻي تي ھن مجموعي طور يونيورسٽي جي ترقياتي قدمن جي ساراهه ڪئي. ان موقعي تي يونيورسٽي آف لاڙڪاڻو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ، ڊائريڪٽر زيبيسٽ پروفيسر زاھده ابڙو، ڊين پروفيسر ڊاڪٽر شاھده مگسي، پرنسپال چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو پروفيسر ڊاڪٽر شاھد حسين سومرو، پرنسپال ڊينٽل ڪاليج پروفيسر قائم الدين شيخ، پرنسپال ميڊيڪل ٽيڪنالاجي ڪاليج پروفيسر ڊاڪٽر علي حيدر بلوچ، ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف فزيوٿراپي ڊاڪٽر مڪيش ڪمار، ڊاڪٽر فوزيه چانڊيو سميت فيڪلٽي، آفيسرن ۽ شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. آخر ۾ آيل مھمانن کي ثقافتي ۽ روايتي سوکڙيون ڏنيون ويون.