گڏيل قومن ۾ پاڪستان پاران دهشتگردي خلاف مصنوعي ذهانت ۽ ڊجيٽل پليٽ فارم تي فوري قدمن جو مطالبو

گڏيل قومون - 25 اپريل (اي پي پي)  گڏيل قومن ۾ پاڪستان دهشتگردي جي وڌندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سطح تي مربوط حڪمت عملي ۽ گهڻ رخي سهڪار وڌائڻ تي زور ڀريو آهي. گڏيل قومن جي دهشتگردي جي روڪٿام بابت آفيس  ۽ پاڪستان مشن جي انتظام هيٺ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي گڏيل قومن م پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد چيو ته دهشتگردي ۽ ٽيڪنالاجي جي …

گڏيل قومون – 25 اپريل (اي پي پي)  گڏيل قومن ۾ پاڪستان دهشتگردي جي وڌندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سطح تي مربوط حڪمت عملي ۽ گهڻ رخي سهڪار وڌائڻ تي زور ڀريو آهي. گڏيل قومن جي دهشتگردي جي روڪٿام بابت آفيس  ۽ پاڪستان مشن جي انتظام هيٺ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي گڏيل قومن م پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد چيو ته دهشتگردي ۽ ٽيڪنالاجي جي ڳٺ جوڙ کي منهن ڏيڻ لاءِ معلومات جي مٽاسٽا، مضبوط ڊجيٽل نظام ۽ اثرائتو عالمي فريم ورڪ اڻٽر آهي. تقريب جنهن جو عنوان دهشتگردي جا نوان ۽ اڀرندڙ رجحان هو، ۾ سفارتڪارن، ماهرن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان جي گڏيل صدارت پاڪستاني سفير عاصم افتخار احمد ۽ گڏيل قومن جي وقتي انڊر سيڪريٽري جنرل اليگزينڊر زوئيف ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ پاڪستاني نمائندي انتهاپسندي جي بنيادي سببن جهڙوڪ نسل پرستي، عدم برداشت ۽ اسلامو فوبيا کي به دهشتگردي جي هٿي ڏيڻ جو سبب قرار ڏنو ۽ ان جي خاتمي تي زور ڀريو. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏو جاني ۽ مالي نقصان کڻي چڪو آهي. هن خبردار ڪيو ته تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ بلوچ لبريشن آرمي جهڙا گروپ جديد ٽيڪنالاجي، سوشل ميڊيا ۽ ڊجيٽل ذريعا استعمال ڪري پنهنجي نيٽ ورڪز کي مضبوط بڻائي رهيا آهن. اجلاس ۾ ماهرن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مصنوعي ذهانت، سوشل ميڊيا، ڪرپٽو ڪرنسي ۽ ٻيا ڊجيٽل ٽولز دهشتگردن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪري رهيا آهن جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سهڪار ۽ قانونن ۾ بهتري ضروري آهي.