ماسڪو- 25 اپريل (اي پي پي) ڪريملن چيو آهي ته روس جو صدر ولاديمير پيوٽن ڊسمبر ۾ آمريڪا جي شهر ميامي ۾ منعقد ٿيندڙ جي-20 سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪري سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو بيان ان کانپوءِ سامهون آيو جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته روسي صدر جي موجودگي انتهائي فائدي مند هوندي ۽ روس کي جي-8 مان ڪڍڻ هڪ غلطي هئي. هڪ آمريڪي عهديدار چيو ته …
روس جي صدر پاران آمريڪي دعوت تي جي-20 اجلاس ۾ شرڪت جو امڪان

مزید خبریں
ماسڪو- 25 اپريل (اي پي پي) ڪريملن چيو آهي ته روس جو صدر ولاديمير پيوٽن ڊسمبر ۾ آمريڪا جي شهر ميامي ۾ منعقد ٿيندڙ جي-20 سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪري سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو بيان ان کانپوءِ سامهون آيو جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته روسي صدر جي موجودگي انتهائي فائدي مند هوندي ۽ روس کي جي-8 مان ڪڍڻ هڪ غلطي هئي. هڪ آمريڪي عهديدار چيو ته آمريڪا روس کي جي-20 جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي جنهن جي ميزباني واشنگٽن هلندڙ سال ميامي ۾ ڪري رهيو آهي. عهديدار وڌيڪ چيو ته ماسڪو دعوت قبول ڪري ورتي آهي. ڪريملن ترجمان دمتري پيسڪوف چيو ته ولاديمير پيوٽن جي-20 اجلاس ۾ رڪن طور شرڪت ڪري سگهي ٿو پر قطعي فيصلو اڃان ناهي ٿيو. هن مطابق روس جي نمائندگي ڪنهن به صورت ۾ اجلاس ۾ موجود هوندي، چاهي صدر پاڻ وڃي يا ڪو ٻيو نمائندو شرڪت ڪري.











