ايران پاران آگسٽ ۾ ڪيسپين سمٽ منعقد ڪرڻ جو اعلان

ماسڪو - 25 اپريل (اي پي پي) ايران هلندڙ سال آگسٽ ۾ ڪيسپين سمٽ منعقد ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب روس ۾ مقرر ايران جي سفير ڪاظم جلال هڪ بيان ۾ چيو ته حڪومت ان اهم اجلاس جي بندوبست جي رٿابندي ڪري رهي آهي ۽ جيڪڏهن حالتون سازگار رهيون ته اها ڪانفرنس مقرر وقت تي منعقد ٿيندي. رپورٽن موجب ايران 12 آگسٽ کان ستين ڪيسپين سمٽ جي …

ماسڪو – 25 اپريل (اي پي پي) ايران هلندڙ سال آگسٽ ۾ ڪيسپين سمٽ منعقد ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب روس ۾ مقرر ايران جي سفير ڪاظم جلال هڪ بيان ۾ چيو ته حڪومت ان اهم اجلاس جي بندوبست جي رٿابندي ڪري رهي آهي ۽ جيڪڏهن حالتون سازگار رهيون ته اها ڪانفرنس مقرر وقت تي منعقد ٿيندي. رپورٽن موجب ايران 12 آگسٽ کان ستين ڪيسپين سمٽ جي ميزباني جو ارادو رکي ٿو جيڪو امڪاني طور تي روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ ايران جي اعليٰ قيادت وچ ۾ ملاقات جو موقعو به فراهم ڪري سگهي ٿو. ڪيسپين سمٽ هڪ اعليٰ سطح سفارتي پليٽ فورم آهي جنهن ۾ ڪيسپين سمنڊ سان ڳنڍيل پنجن ملڪن يعني روش، آذربائيجان، ايران، قازقستان ۽ ترڪمانستان جا سربراهه شرڪت ڪندا آهن. اهي ملڪ گڏيل طور تي ”ڪيسپين فائيو“ سڏرائيندا آهن.