واشنگٽن - 25 اپريل (اي پي پي) آمريڪا جي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ واضح ڪيو آهي، ته واشنگٽن روس جي تيل جي خريداري بابت ڏنل عارضي ڇوٽ ۾ وڌيڪ واڌ جو ارادو نٿي رکي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن چيو ته سامونڊي جهازن تي موجود گهڻي ڀاڱي روسي تيل اڳ ئي وڪرو يا استعمال ٿي چڪو آهي، ان لاءِ نئين واڌ جو امڪان گهٽ آهي. ياد رهي ته مارچ ۾ …
آمريڪا پاران روس جي تيل جي ڇوٽ ۾ وڌيڪ واڌ ڪرڻ کان انڪار

مزید خبریں
واشنگٽن – 25 اپريل (اي پي پي) آمريڪا جي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ واضح ڪيو آهي، ته واشنگٽن روس جي تيل جي خريداري بابت ڏنل عارضي ڇوٽ ۾ وڌيڪ واڌ جو ارادو نٿي رکي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن چيو ته سامونڊي جهازن تي موجود گهڻي ڀاڱي روسي تيل اڳ ئي وڪرو يا استعمال ٿي چڪو آهي، ان لاءِ نئين واڌ جو امڪان گهٽ آهي. ياد رهي ته مارچ ۾ آمريڪا انهن جهازن تي رکيل روس جي تيل کي وڪرو ڪرڻ لاءِ محدود وقت جي ڇوٽ ڏني هئي جيڪو ان کان اڳ لوڊ ڪيو ويو هو. جنهن کان پوءِ ان اجازت نامي ۾ ترميم ڪندي ڪجهه خطرن سبب ڏيتي ليتي تي پابنديون لڳايون ويون، جڏهن ته اپريل ۾ ان جو عارضي طور وقت وڌائي 16 مئي تائين ڪيو ويو هو.











