ڪويت پاران ٻن مهينن جي بندش کان پوءِ پنهنجون فضائي حدون ٻيهر کولڻ جو اعلان

ڪويت سٽي - 25 اپريل (اي پي پي)  ڪويت ٻن مهينن جي بندش کان پوءِ ڪويت انٽر نيشنل ايئرپورٽ لاءِ پنهنجون فضائي حدون ٻيهر کولڻ جو اعلان ڪيو آهي.  پرڏيهي ميڊيا موجب ڪويت جي ايوي ايشن اٿارٽي جي سربراهه شيخ حمود مبارڪ الحمود الصباح چيو آهي، ته فضائي حدن کي ٻيهر کولڻ ، ايندڙ ڏينهن ۾ هوائي اڏن تي مڪمل آپريشن جي تياري ۽ هوائي ٽريفڪ کي آهستي آهستي شروع …

ڪويت سٽي – 25 اپريل (اي پي پي)  ڪويت ٻن مهينن جي بندش کان پوءِ ڪويت انٽر نيشنل ايئرپورٽ لاءِ پنهنجون فضائي حدون ٻيهر کولڻ جو اعلان ڪيو آهي.  پرڏيهي ميڊيا موجب ڪويت جي ايوي ايشن اٿارٽي جي سربراهه شيخ حمود مبارڪ الحمود الصباح چيو آهي، ته فضائي حدن کي ٻيهر کولڻ ، ايندڙ ڏينهن ۾ هوائي اڏن تي مڪمل آپريشن جي تياري ۽ هوائي ٽريفڪ کي آهستي آهستي شروع ڪرڻ واري مرحليوار منصوبي جو حصو آهي. هن چيو ته ايران جي حملن سبب ايئرپورٽ تي ڪجهه ٺڪاڻن کي نقصان پهتو هو، ان باري ۾ جائزو مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ فني ٽيمن اوزارن ۽ بنيادي ڍانچي جي سار سنڀال ۽ مرمت جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. شيخ حمود مبارڪ الحمود والصباح چيو ته شروعاتي مرحلي ۾ ڪجهه مخصوص اسٽيشنز شامل هونديون جن کي ايئرپورٽ جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ترجيح ڏني وئي هئي ان سلسلي کان پوءِ وڌيڪ اڳتي وڌايو ويندو. هوائي اڏن کي ٻيهر کولڻ تي ڪويت ايئرويز  آچر 26 اپريل کان 17 هنڌن لاءِ سروس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جن ۾ لنڊن، استنبول، لاهور، ڍاڪا، ممبئي، دهلي، منيلا، قاهره، رياض، جده، ڪولمبو، گوانگزو، بيروت ۽ دمشق شامل آهن.