پاڪستان علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي رستي کي هٿي ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد-24 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن موجب ڳالهين ۽ تعاون کي هٿي ڏيڻ ۽ تڪرارن جي پرامن حل لاءِ پختي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪستان علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي رستي کي هٿي ڏئي رهيو آهي، خطي ۾ پاڪستان جي ٽياڪڙي جون ڪوششون انهي اصولن موجب آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ …

اسلام آباد-24 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن موجب ڳالهين ۽ تعاون کي هٿي ڏيڻ ۽ تڪرارن جي پرامن حل لاءِ پختي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪستان علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي رستي کي هٿي ڏئي رهيو آهي، خطي ۾ پاڪستان جي ٽياڪڙي جون ڪوششون انهي اصولن موجب آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان گهڻ رخي ۽ سفارتڪاري ذريعي امن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم چيو ته گهڻ رخي ۽ امن لاءِ سفارتڪاري جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان حڪومت گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن موجب ڳالهيون، تعاون ۽ تڪرارن جي پرامن حل لاءِ پنهنجي پختي عزم کي ورجايو آهي. اهڙي وقت ۾ جڏهن عالمي برادري کي پيچيده سيڪيورٽي چئلينجز آڏو آهن، پاڪستان علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي رستي کي هٿي ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته خطي ۾ پاڪستان جي ٽياڪڙي جون جاري ڪوششون ان ئي اصولن تي عمل ڪري رهيون آهن، پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر سان پنهنجي مستقل وابستگي، امن جي خواهش ۽ عالمي تعاون جي رهنمائي ۾ اختلافن جي خاتمي ۽ علائقائي ۽ عالمي امن ۽ هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو.

مزید خبریں