اسلام آباد-24 اپريل (اي پي پي)پاڪستان سپر ليگ سيزن 11 ۾ اڄ ڇنڇر تي ٻن وڌيڪ ميچن جو فيصلو ٿيندو. پهريون ميچ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ۽ ڪراچي ڪنگز جڏهن ته ٻيو ميچ لاهور قلندرز ۽ پشاور زلمي وچ ۾ کيڏيو ويندو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي انتظام هيٺ پي ايس ايل جي 11 هين ايڊين جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو جاري آهي جنهن ۾ ڪرڪيٽ جي شوقينن کي سخت مقابلي وارا …
پاڪستان سپر ليگ ۾ اڄ وڌيڪ ٻن ميچن جو فيصلو ٿيندو
اسلام آباد-24 اپريل (اي پي پي)پاڪستان سپر ليگ سيزن 11 ۾ اڄ ڇنڇر تي ٻن وڌيڪ ميچن جو فيصلو ٿيندو. پهريون ميچ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ۽ ڪراچي ڪنگز جڏهن ته ٻيو ميچ لاهور قلندرز ۽ پشاور زلمي وچ ۾ کيڏيو ويندو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي انتظام هيٺ پي ايس ايل جي 11 هين ايڊين جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو جاري آهي جنهن ۾ ڪرڪيٽ جي شوقينن کي سخت مقابلي وارا ميچ ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. اڄ ڇنڇر ڏينهن ليگ جي شيڊول موجب پهرين ميچ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز ۽ ڪراچي ڪنگز ٽيمن وچ ۾ قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏي ويندي، هي ميچ منجهند جو اڍائي وڳي شروع ٿيندي. ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ٽيم مشهور آل رائونڊر سعود شڪيل جي اڳواڻي ۾ ميدان ۾ لهندي. ٻين رانديگرن ۾ ثام هارپر، ريلي روسو، حسن ناوز، خواجه نافع، بيون جيڪبز، جهانداد خان، ڪاشف ڀٽي، خليل احمد، ابرابر احمد ۽ عثمان طارق شامل آهن. ڪراچي ڪنگز جي ٽيم آسٽريلوي بيٽس مين ڊيوڊ وارنر جي اڳواڻي ۾ ميدان ۾ لهندي جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ جيسن راءِ، سلمان آغا، رضا هينڊرڪس، اعظم خان، معين علي، خوشدل شاهه، حسن علي، زاهد محمود، رضوان الله ۽ محمد حمزه شامل آهن. اهڙي طرح اڄ ٻي ميچ لاهور قلندرز ۽ پشاور زلمي وچ ۾ انهي هنڌ قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏي ويندي، لاهور قلندرز ٽيم کي ناليوارو بيٽسمين آل رائونڊر شاهين شاهه آفريدي ليڊ ڪندو. هن ٽيم ۾ فخر زمان، محمد نعيم، عبدالله شفيق، حسيب الله خان، سڪندر رضا، آصف علي، ڏنٿ ويلالج، اسامه مير، عبيد شاهه ۽ مستفيض الرحمان جهڙا بهترين رانديگر شامل آهن. پشاور زلمي کي ناليوارو بيٽسمين بابر اعظم ليڊ ڪندو. هن ٽيم ۾ مائيڪل بريسويل، ڪوسل مينڊس، آرون هاروڊي، افتخار احمد، شرف الاسلام ۽ عبدالصمد جهڙا بهترين رانديگر شامل آهن. واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ 11 جو فائينل 3 مئي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيو ويندو.












