پاڪستان پاران سلامتي ڪائونسل سنڌ طاس معاهدو بحال ڪرائڻ جو مطالبو

گڏيل قومون-24 اپريل (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ڀارت پاران 1960ع جي تاريخي سنڌ طاس معاهدي جي معطلي جو نوٽيس وٺي ۽ ان کي فوري طور بحال ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري. پاڪستان خبردار ڪيو آهي ته معاهدي جي معطلي سان خطي ۾ 240 ملين کان وڌيڪ ماڻهن لاءِ سنگين سلامتي، ماحولياتي ۽ انساني بحران پيدا ٿي سگهي ٿو. نائب …

گڏيل قومون-24 اپريل (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ڀارت پاران 1960ع جي تاريخي سنڌ طاس معاهدي جي معطلي جو نوٽيس وٺي ۽ ان کي فوري طور بحال ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري. پاڪستان خبردار ڪيو آهي ته معاهدي جي معطلي سان خطي ۾ 240 ملين کان وڌيڪ ماڻهن لاءِ سنگين سلامتي، ماحولياتي ۽ انساني بحران پيدا ٿي سگهي ٿو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سلامتي ڪائونسل جي موجوده صدر بحرين جي نمائندي کي هڪ خط موڪليو هو، جنهن ۾ ڀارت جي فيصلي کي ”غير قانوني“ قرار ڏيندي ان تي شديد ڳڻتي ظاهر ڪئي هئي. اهو خط گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نمائندي عاصم افتخار احمد نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدر کي پيش ڪيو. پاڪستان مطالبو ڪيو آهي ته ڀارت کي پاڻي جي معاهدي تي مڪمل عمل، ڊيٽا شيئرنگ ۽ سهڪار بحال ڪرڻ تي مجبور ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به قسم جي آبي دٻاءُ جي پاليسي کان روڪيو وڃي. پاڪستاني نمائندي سلامتي ڪائونسل کي اهو به ٻڌايو ته ڀارت پاران بي بنياد الزامن ۽ پروپيگنڊا جو سلسلو جاري آهي، جيڪو علائقائي امن لاءِ نقصان ده آهي. وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڄمون ڪشمير جو پراڻو تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ عدم استحڪام جو بنيادي سبب آهي، جنهن جو حل گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن مطابق ضروري آهي.