نيويارڪ-24 اپريل (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪوروبيو چيو آهي ته ايران جي فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ شرڪت تي پابندي ناهي پر جيڪڏهن ايران شرڪت نه ڪندو ته اهو ان جو پنهنجو فيصلو هوندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اوول آفيس ۾ پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته آمريڪا پاران ڪنهن به ايراني رانديگر کي اهو ناهي چيو ويو ته هو هلندڙ گرمين جي موسم ۾ آمريڪا ۾ رٿيل فيفا …
ايران جي فيفا ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت تي پابندي ناهي: آمريڪي پرڏيهي وزير

مزید خبریں
نيويارڪ-24 اپريل (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪوروبيو چيو آهي ته ايران جي فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ شرڪت تي پابندي ناهي پر جيڪڏهن ايران شرڪت نه ڪندو ته اهو ان جو پنهنجو فيصلو هوندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اوول آفيس ۾ پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته آمريڪا پاران ڪنهن به ايراني رانديگر کي اهو ناهي چيو ويو ته هو هلندڙ گرمين جي موسم ۾ آمريڪا ۾ رٿيل فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي ميچن ۾ شرڪت نه ٿا ڪري سگهن. مارڪوروبيو مطابق اهي قياس آرائيون ڪيون پيون وڃن ته ٿي سگهي ٿو ته ايران ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت نه ڪري ۽ ان جي جاءِ تي اٽلي شامل ٿي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته فيفا ورلڊ ڪپ ۾ ايران جي شرڪت جو مسئلو ان جا رانديگر نه پر اهي ماڻهو آهن جن کي هو پاڻ سان گڏ وٺي ايندا. هن الزام لڳائيندي چيو ته جنهن شيءَ جي ان تي پابندي آهي اها هي آهي ته پاسداران انقلاب جي دهشتگردن جي هڪ گروپ کي صحافي ۽ ايٿليٽ ٽرينر ظاهر ڪندي اسانجي ملڪ ۾ نه وٺي اچن.











