آمريڪي صدر پاران روسي هم منصب کي جي- 20 سربراهي اجلاس ۾ دعوت ڏيڻ جو اشارو

واشنگٽن-24 اپريل (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڊسمبر ۾ رٿيل جي - 20 سربراهي اجلاس ۾ روسي صدر ولاديمير پيوٽن کي به دعوت ڏيڻ جو اشارو ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه آمريڪا جي پرڏيهي کاتي جي ذريعن جي حوالي سان سامهون آئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هن وقت تائين باضابطه دعوت ناما جاري ناهن ڪيا ويا، پر روس کي جي 20 جو ميمبر …

واشنگٽن-24 اپريل (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڊسمبر ۾ رٿيل جي – 20 سربراهي اجلاس ۾ روسي صدر ولاديمير پيوٽن کي به دعوت ڏيڻ جو اشارو ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه آمريڪا جي پرڏيهي کاتي جي ذريعن جي حوالي سان سامهون آئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هن وقت تائين باضابطه دعوت ناما جاري ناهن ڪيا ويا، پر روس کي جي 20 جو ميمبر هجڻ سبب وزارتي اجلاسن ۽ سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ويندي. انتظاميا جي هڪ اعليٰ عهديدار مطابق صدر ڊونلڊ ٽرمپ واضح ڪري چڪو آهي ته روس کي جي 20 جي سمورن اجلاسن ۾ شرڪت لاءِ آجيان ڪريون ٿا. واضح رهي ته جي 20 سربراهي اجلاس 14 ۽ 15 ڊسمبر تي آمريڪي رياست فلوريڊا جي شهر ميامي ۾ منعقد ٿيندو.