سعودي عرب ۽ نار ملڪن سان ڊرونز جي گڏيل تياري تي ڪم ڪنداسين: يوڪرين

ڪيف-24 اپريل (اي پي پي) يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي چيو آهي ته سندس ملڪ سعودي عرب، قطر ۽ گڏيل عرب امارات سان گڏجي گهٽ خرچ وارن ڊرونز جي گڏيل تياري تي ڪم ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق يوڪريني صدر پنهنجي ڳالهه ٻولهه دوران ٻڌايو ته سعودي عرب، قطر ۽ گڏيل عرب امارات سان فوجي معاهدن ۾ ڊرونز جي تياري سان گڏوگڏ سافٽ ويئر جي فراهمي ۽ استعمال جي طريقي کي …

ڪيف-24 اپريل (اي پي پي) يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي چيو آهي ته سندس ملڪ سعودي عرب، قطر ۽ گڏيل عرب امارات سان گڏجي گهٽ خرچ وارن ڊرونز جي گڏيل تياري تي ڪم ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق يوڪريني صدر پنهنجي ڳالهه ٻولهه دوران ٻڌايو ته سعودي عرب، قطر ۽ گڏيل عرب امارات سان فوجي معاهدن ۾ ڊرونز جي تياري سان گڏوگڏ سافٽ ويئر جي فراهمي ۽ استعمال جي طريقي کي بهتر بڻائڻ لاءِ تربيتي عمل به شامل آهي، جڏهن ته انهن معاهدن کي سرڪاري ۽ نجي شعبن سان باقاعده سمجهوتن جي شڪل ڏني ويندي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن دوران سعودي عرب ۽ يوڪرين دفاعي خريداري بابت انتظامن جي هڪ يادداشت تي صحيحيون ڪيون هيون.