بيروت-24 اپريل (اي پي پي) آمريڪا ۾ اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ ڳالهين جو ٻيون دور منعقد ٿيڻ جي اميد سان گڏ لبناني پارليامينٽ جي اسپيڪر نبيه بري سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان لبنان ۽ خطي جي صورتحال ۾ ٿيل اڳڀرائي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن پرڏيهي وزير سان هڪ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ اسرائيلي جارحيت روڪڻ لاءِ مملڪت جي ڪوششن تي …
لبنان جي مدد جي ڪوششن تي اسان سعودي عرب جا ٿورائتا آهيون: لبناني اسپيڪر

مزید خبریں
بيروت-24 اپريل (اي پي پي) آمريڪا ۾ اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ ڳالهين جو ٻيون دور منعقد ٿيڻ جي اميد سان گڏ لبناني پارليامينٽ جي اسپيڪر نبيه بري سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان لبنان ۽ خطي جي صورتحال ۾ ٿيل اڳڀرائي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن پرڏيهي وزير سان هڪ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ اسرائيلي جارحيت روڪڻ لاءِ مملڪت جي ڪوششن تي ٿورو مڃيو. پارليامينٽ جي اسپيڪر جي آفيس ٻڌايو ته نبيه بري سمورن سطحن تي لبنان جي مدد ڪرڻ ۽ ان جي خودمختياري ۽ سلامتي ۽ تحفظ جي حمايت ۾ سعودي عرب جي ڪوششن کي ساراهه جوڳو قرار ڏنو.











