پشاور-24 اپريل (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ضلعي خيبر ۾ سيڪيورٽي فورسز طرفان ڪامياب آپريشن ۾ 22 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گورنر هائوس جي ترجمان موجب پنهنجي بيان ۾ گورنر چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون ساراهه جوڳيون آهن ۽ پوري قوم کي انهن مٿان فخر آهي. هن چيو ته دهشتگرد ڌرين …
خيبرپختونخوا جي گورنر پاران ضلعي خيبر ۾ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
پشاور-24 اپريل (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ضلعي خيبر ۾ سيڪيورٽي فورسز طرفان ڪامياب آپريشن ۾ 22 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گورنر هائوس جي ترجمان موجب پنهنجي بيان ۾ گورنر چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون ساراهه جوڳيون آهن ۽ پوري قوم کي انهن مٿان فخر آهي. هن چيو ته دهشتگرد ڌرين خلاف موثر ڪارروايون امن جي قيام طرف اهم اڳڀرائي آهن. گورنر دهشتگردن جي فائرنگ ۾ 10 سالن جي معصوم ٻار جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته معصوم جانين جي نقصان تي انتهائي افسوس ٿيو آهي، اهڙي طرح جي بزدلاڻن حملن ۾ دهشتگردن جا مڪروه ارادا ظاهر ٿين ٿا. گورنر چيو ته پاڪستان جي قيادت خطي ۽ دنيا ۾ امن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي، جڏهن ته دهشتگرد ڌريون انهن ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هن ان عزم کي ورجايو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رهنديون.











