سنڌ جي وڏي وزير پاران حيدرآباد ۾ بجليءَ جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيل 3 ٻارن جي واقعي جو نوٽيس

ڪراچي-23 اپريل (اي پي پي) سيد مراد علي شاهه حيدرآباد ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ٻارن جي فوتگي واري واقعي تي سخت ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي۔ترجمان موجب وڏي وزير واقعي کي انتهائي افسوسناڪ قرار ڏيندي فوري نوٽيس ورتو آهي ۽ لاڳاپيل اختيارين کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي۔وڏي وزير هدايت ڪئي آهي ته واقعي ۾ غفلت جي ذميوار ماڻهن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي ۽ قانون …

ڪراچي-23 اپريل (اي پي پي) سيد مراد علي شاهه حيدرآباد ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ٻارن جي فوتگي واري واقعي تي سخت ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي۔ترجمان موجب وڏي وزير واقعي کي انتهائي افسوسناڪ قرار ڏيندي فوري نوٽيس ورتو آهي ۽ لاڳاپيل اختيارين کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي۔وڏي وزير هدايت ڪئي آهي ته واقعي ۾ غفلت جي ذميوار ماڻهن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي۔سيد مراد علي شاهه فوت ٿيل ٻارن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ حڪومت متاثر خاندانن سان گڏ بيٺل آهي۔