ڪراچي-23 اپريل (اي پي پي) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه سان عالمي بئنڪ جي اعليٰ سطحي وفد جي ملاقات ۾ سنڌ ۾ پراپرٽي ٽيڪس نظام کي جديد بڻائڻ، دائرو وڌائڻ ۽ آمدني ۾ واڌ لاءِ جامع حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو۔صوبائي وزير جي ترجمان موجب اجلاس ۾ پراپرٽي ٽيڪس جي موجوده صورتحال، چيلينجز، ڊجيٽلائيزيشن، ڊيٽا انٽيگريشن ۽ اداراجاتي صلاحيتن ۾ بهتري بابت تفصيلي بحث …
مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سان عالمي بئنڪ جي اعليٰ سطحي وفد جي ملاقات

مزید خبریں
ڪراچي-23 اپريل (اي پي پي) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه سان عالمي بئنڪ جي اعليٰ سطحي وفد جي ملاقات ۾ سنڌ ۾ پراپرٽي ٽيڪس نظام کي جديد بڻائڻ، دائرو وڌائڻ ۽ آمدني ۾ واڌ لاءِ جامع حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو۔صوبائي وزير جي ترجمان موجب اجلاس ۾ پراپرٽي ٽيڪس جي موجوده صورتحال، چيلينجز، ڊجيٽلائيزيشن، ڊيٽا انٽيگريشن ۽ اداراجاتي صلاحيتن ۾ بهتري بابت تفصيلي بحث ٿيو، جڏهن ته ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته نظام کي مڪمل طور ڊجيٽل ڪري ملڪيتن جي جديد سروي ۽ ڊيٽابيس تيار ڪيو ويندو ۽ ٽيڪس نيٽ کي وڌايو ويندو۔ فيصلي موجب پراپرٽي ٽيڪس جو دائرو مرحليوار صوبي جي سمورن ضلعي هيڊڪوارٽرز تائين وڌايو ويندو، جڏهن ته ٽرانسفر ٽيڪس عمل کي سادو، شفاف ۽ آن لائين بڻائڻ تي زور ڀريو. ناصر حسين شاهه چيو ته بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ٽائونز کي اضافي فنڊز ۽ مراعتون ڏنيون وينديون، جڏهن ته ٽيڪس نظام کي يونين ڪائونسل سطح تائين مضبوط بڻائي عوام کي بنيادي سهولتون مهيا ڪيون وينديون۔ اجلاس ۾ ٽيڪس ڏيندڙن لاءِ سهولت مرڪز قائم ڪرڻ، آگاهي مهم هلائڻ ۽ شڪايتن جي ازالي لاءِ مؤثر نظام متعارف ڪرائڻ تي پڻ زور ڀريو.











