ايشين هاڪي فيڊريشن پاران انڊر- 18 ايشيا هاڪي ڪپ 2026 جي شيڊيول جو اعلان

لاهور-23 اپريل(اي پي پي)ايشين هاڪي فيڊريشن انڊر- 18 ايشيا ڪپ جي شيڊيول جو باقاعده اعلان ڪيو آهي. اهو ايونٽ 29 مئي کان 6 جون تائين جاپان ۾ کيڏيو ويندو جنهن ۾ ايشيا جون بهترين ٽيمون ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لهنديون. ٽورنامينٽ ۾ مرد ۽ عورت رانديگرياڻين جا ڌار ڌار مقابلا ٿيندا. مينز ايونٽ جي مقابلن ۾ 9 ٽيمن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. پول اي ۾ …

لاهور-23 اپريل(اي پي پي)ايشين هاڪي فيڊريشن انڊر- 18 ايشيا ڪپ جي شيڊيول جو باقاعده اعلان ڪيو آهي. اهو ايونٽ 29 مئي کان 6 جون تائين جاپان ۾ کيڏيو ويندو جنهن ۾ ايشيا جون بهترين ٽيمون ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لهنديون. ٽورنامينٽ ۾ مرد ۽ عورت رانديگرياڻين جا ڌار ڌار مقابلا ٿيندا. مينز ايونٽ جي مقابلن ۾ 9 ٽيمن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. پول اي ۾ ڀارت، ڪوريا، چائينيز تائپي ۽ قازقستان جون ٽيمون شامل آهن. پول بي ۾ پاڪستان، ملائيشا،بنگلاديش ۽ چين شامل آهي. گرين شرٽس ٽيم ايونٽ ۾  پنهنجي مهم جي شروعات 30 مئي کان چين خلاف ميچ سان ڪندي. پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ 30 مئي تي چين خلاف کيڏندو، ٻي ميچ 31 مئي تي ملائشيا ۽ ٽئين ميچ 3 جون تي بنگلاديش خلاف کيڏندو.

مزید خبریں