ڪراچي-23 اپريل(اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪتاب علم، شعور ۽ فڪري بيداري جو بنيادي ذريعو آهن. عالمي سطح تي ملهائجندڙ ڪتابن ۽ ڪاپي رائيٽ جي عالمي ڏينهن، انگريزي ٻولي جي عالمي ڏينهن ۽ اسپين جي ٻولي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪتابن، ٻولين ۽ تخليقي حقن جي اهميت کي اجاگر ڪيو.وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل پيغام ۾ وڏي وزير …
ڪتاب علم، شعور ۽ فڪري بيداري جو بنيادي ذريعو آهن: سيد مراد علي شاهه

مزید خبریں
ڪراچي-23 اپريل(اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪتاب علم، شعور ۽ فڪري بيداري جو بنيادي ذريعو آهن. عالمي سطح تي ملهائجندڙ ڪتابن ۽ ڪاپي رائيٽ جي عالمي ڏينهن، انگريزي ٻولي جي عالمي ڏينهن ۽ اسپين جي ٻولي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪتابن، ٻولين ۽ تخليقي حقن جي اهميت کي اجاگر ڪيو.وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته ڪتاب علم، شعور ۽ فڪري بيداري جو بنيادي ذريعو آهن، جڏهن ته ڪتابن کي پڙھڻ سان انسان جي ذهني ۽ تخليقي صلاحيتن ۾ واڌارو ٿئي ٿو. هن چيو ته نوجوانن ۾ مطالعي جي عادت پيدا ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته ڪتاب نسلن ۽ ثقافتن کي پاڻ ۾ ڳنڍين ٿا. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت اردو ۽ سنڌي ادب کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. ھن چيو تھ سنڌي ڪتاب اسان جي تاريخ، ثقافت ۽ سڃاڻپ جو قيمتي سرمايو آهن، جن جو تحفظ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته ڪتابن جو عالمي ڏھاڙو ملھائڻ جو مقصد علمي دوستي کي وڌائڻ ۽ تعليمي ۽ ادبي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ آهي.ڪاپي رائيٽ بابت سنڌ جي وڏي وزير چيو ته تخليقڪارن جي حقن جو تحفظ سماجي ترقيءَ لاءِ انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته غير قانوني طور تي مواد شايع ڪرڻ ۽ مواد جي چوري خلاف سخت اپاءَ وٺڻ گھرجن. انگريزي ٻوليءَ جي عالمي ڏينهن بابت هن چيو ته انگريزي ٻولي عالمي رابطن، تعليم ۽ سفارتڪاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن چيو ته هي ڏينهن مشهور ليکڪ وليم شيڪسپيئر جي خدمتن جي اعتراف ۾ ملهايو ويندو آھي. اسپين جي ٻوليءَ جي عالمي ڏھاڙي تي ڳالهائيندي هن چيو ته ٻوليون تهذيبن وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪن ٿيون. هن چيو ته هي ڏينهن اسپين جي مشهور ليکڪ ميگوئل ڊي سروينٽس جي خدمتن جي اعتراف ۾ ملهايو وڃي ٿو. سيد مراد علي شاه صلاح ڏني ته نوجوان کي مقامي ٻولين سان گڏ عالمي ٻوليون پڻ لازمي سکڻ گھرجن جڏهن ته سنڌ حڪومت تعليم ۽ ٻولين جي ترقيءَ کي ھٿي ڏيڻ لاءِ اُپاءَ وٺي رهي آهي ته جيئن سماج ۾ علمي ۽ ثقافتي ترقيءَ کي يقيني بڻائي سگهجي.











