ڪراچي-23 (ای پي پي) آءِ جي سنڌ پوليس جاويد عالم اوڍو خيرپور ضلعي ۾ پيش آيل واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي فوري طور تي ڊي آءِ جي سکر کان واقعي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ترجمان موجب آءِ جي سنڌ پوليس جي حڪمن تي عمل ڪندي لاڳاپيل ٽن پوليس اسٽيشنن جي ايس ايڇ اوز کي معطل ڪري انهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته واقعي جي شفاف جاچ لاءِ ايس ايس پي گھوٽڪي جي سربراهي ۾ اعليٰ …
آءِ جي سنڌ پوليس پاران خيرپور ضلعي ۾ پيش آيل واقعي جو نوٽيس، ڊي آءِ جي سکر کان رپورٽ طب

مزید خبریں
ڪراچي-23 (ای پي پي) آءِ جي سنڌ پوليس جاويد عالم اوڍو خيرپور ضلعي ۾ پيش آيل واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي فوري طور تي ڊي آءِ جي سکر کان واقعي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ترجمان موجب آءِ جي سنڌ پوليس جي حڪمن تي عمل ڪندي لاڳاپيل ٽن پوليس اسٽيشنن جي ايس ايڇ اوز کي معطل ڪري انهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته واقعي جي شفاف جاچ لاءِ ايس ايس پي گھوٽڪي جي سربراهي ۾ اعليٰ سطح جي تحقيقاتي ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي. ڪميٽي کي حڪم ڏنو ويو آهي ته واقعي ۾ ملوث ذميوارن کي جلد کان جلد قانون حوالي ڪيو وڃي.ان سان گڏ آءِ جي سنڌ واضح هدايتون جاري ڪيون آهن ته جيڪي به عملدار واقعي دوران قانون ۽ ايس او پيز جي خلاف ورزي ۾ ملوث هجن انهن کي به گرفتار ڪري قانوني ڪارروائي يقيني بڻائي وڃي. آءِ جي پوليس چيو ته ڪنهن به ڏوهاري کي معاف نه ڪيو ويندو، چاهي اهو ڪنهن به عهدي تي مقرر ڇو نه هجي.پوليس ذريعن موجب واقعي جي سنگيني کي نظر ۾ رکندي اعليٰ اختياريون مامري جي مڪمل جاچ ڪري رهيون آهن ته جيئن متاثر ڪٽنب کي انصاف ڏياري سگهجي.











