ڊي سي شڪارپور پاران شهر جي مختلف امتحاني سينٽرن جو دورو

لاڙڪاڻو/ شڪارپور-23 اپريل (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو، چئيرمين بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن لاڙڪاڻو خالد حسين مهر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور عارفه بتول سان گڏجي لاڙڪاڻو بورڊ جي انتظام هيٺ هلندڙ يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جي سيالياني امتحان جو جائزو وٺڻ لاءِ شڪارپور شهر جي مختلف امتحاني سينٽرن جو دورو ڪيو، جن ۾ گرلس ڪاليج شڪارپور، گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول حاجي فتح محمد اوستو، …

لاڙڪاڻو/ شڪارپور-23 اپريل (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو، چئيرمين بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن لاڙڪاڻو خالد حسين مهر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور عارفه بتول سان گڏجي لاڙڪاڻو بورڊ جي انتظام هيٺ هلندڙ يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جي سيالياني امتحان جو جائزو وٺڻ لاءِ شڪارپور شهر جي مختلف امتحاني سينٽرن جو دورو ڪيو، جن ۾ گرلس ڪاليج شڪارپور، گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول حاجي فتح محمد اوستو، سٽي هائير سيڪنڊري اسڪول شڪارپور ۽ لکي گرلس ۽ بوائيز سيڪنڊري اسڪول شامل هئا. دوري دوران مختلف امتحاني سينٽرن ۾ 03 ڪاپي ڪيس پڪڙيا ويا ۽ 03 موبائيل فون پڻ ضبط ڪيون ويون.ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت جي هدايتن تحت يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جي امتحانن کي ڪاپي ڪلچر کان پاڪ بڻائڻ لاءِ اسين ضلعي جي مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن جو دورو ڪري رهيا آهيون ته جيئن امتحان صاف ۽ شفاف نموني سان جاري رهن ۽ شاگرد ڪاپي ڪلچر کان بچي پنهنجي صلاحيتن جي بنياد تي اڳتي وڌي اچن.