واشنگٽن -23 اپريل (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران پاران ٻن ڪنٽينر جهازن جي ضبطي کي جنگبندي جي خلاف ورزي نٿو سمجهي، ڇو ته اهي جهاز نه ته آمريڪي هيا ۽ نه ئي اسرائيلي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي چئي. ٻئي طرف صحافين سان ڳالهائيندي وائيٽ هائوس جي ترجمان چيو ته صدر ٽرمپ ايراني امن تجويز لاءِ ڪا ڊيڊ …
ايران پاران ٻه ڪنٽينر جهازن جي ضبطي جنگبندي خلاف ورزي ناهي: وائٽ هائوس

مزید خبریں
واشنگٽن -23 اپريل (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران پاران ٻن ڪنٽينر جهازن جي ضبطي کي جنگبندي جي خلاف ورزي نٿو سمجهي، ڇو ته اهي جهاز نه ته آمريڪي هيا ۽ نه ئي اسرائيلي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي چئي. ٻئي طرف صحافين سان ڳالهائيندي وائيٽ هائوس جي ترجمان چيو ته صدر ٽرمپ ايراني امن تجويز لاءِ ڪا ڊيڊ لائن مقرر ناهي ڪئي. ان حوالي سان خبرون درست ناهن جڏهن ته حتمي ٽائيم لائن جو ڪمانڊر ان چيف ئي مقرر ڪندو. گذريل ڏينهن ايران جي پاسداران انقلاب چيو هيو ته سندن سامونڊي فوج آبنائي هرمز مان گذرڻ جي ڪوشش ڪندڙ ٻن جهازن جي سڃاڻپ کانپوءِ انهن کي قبضي ۾ ڪري ايراني سمنڊ طرف منتقل ڪيو آهي.











