نار وارن ملڪن مان جيٽ فيول جي فراهمي ۾ رڪاوٽ، يورپ جي فضائي صنعت ٻارڻ جي بحران جو شڪار

پيرس-23 اپريل (اي پي پي) ايران جي آبنائي هرمز جي موجوده صورتحال سبب نار وارن ملڪن مان جيٽ فيول جي فراهمي بند ٿي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ يورپ جي فضائي صنعت ٻارڻ جي هڪ وڏي بحران جو شڪار ٿي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايئر لائينز حڪومتون قدمن تي غور ڪري رهيون آهن. عالمي توانائي ايجنسي جي اڳواڻ خبردار ڪيو آهي ته يورپ وٽ 6 هفتن جو جيٽ …

پيرس-23 اپريل (اي پي پي) ايران جي آبنائي هرمز جي موجوده صورتحال سبب نار وارن ملڪن مان جيٽ فيول جي فراهمي بند ٿي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ يورپ جي فضائي صنعت ٻارڻ جي هڪ وڏي بحران جو شڪار ٿي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايئر لائينز حڪومتون قدمن تي غور ڪري رهيون آهن. عالمي توانائي ايجنسي جي اڳواڻ خبردار ڪيو آهي ته يورپ وٽ 6 هفتن جو جيٽ فيول باقي آهي. سندس موجب آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران جي تڪرار ۽ آبنائي هرمز جي بندش تاريخ جو سڀ کان وڏو توانائي بحران پيدا ڪيو آهي. فيبروري جي آخر ۾ جنگ جي شروعات کان پوءِ آبنائي هرمز ۾ ٽريفڪ متاثر ٿي آهي جنهن جي نتيجي ۾ عالمي توانائي مارڪيٽ دٻاءٌ جو شڪار آهي. هڪ اندازي موجب سڄي دنيا ۾ جيٽ فيول جي سامونڊي رستي فراهمي جو پنجون حصو ملتوي ٿي چڪو آهي. يورپ پنهنجي ڪل ضرورتن جو هڪ ڀاڳي ٽي ٻارڻ سڌيءَ ريت جيٽ فيول ۽ ٻه ڀاڳي ٽي خام تيل جي صورت ۾ امپورٽ ڪري ٿو جنهن کي يورپي ريفائنريز ۾ پروسيس ڪيو ويندو آهي. يورپ لاءِ نار وارا ملڪ سڀ کان وڏا ٻارڻ جا سپلائير آهن ۽ ڪويت تاريخي طور تي سڀ کان وڏو ذريعو رهيو آهي. ٽراسپورٽ اينڊ انوائرنمينٽ موجب يورپ جي امپورٽ جو 30 سيڪڙو آبنائي هرمز سان جڙيل آهي .قيمتن ۾ اضافو پهريان ئي ظاهر ٿي چڪو آهي. جنگ جي شروعات کان جيٽ َفيول جي قيمتن ۾ 95 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. اپريل جي وچ ۾ عالمي سطح تي في ٽن قيمت 1458 ڊالرز رهي جيڪا گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ٻيڻي آهي. ماهرن موجب بحران هاڻي دٻاءُ کان کوٽ طرف وڌي رهيو آهي. توانائي جي ماهرن ان کي گذريل 8 سالن جو وڏو بحران قرار ڏنو آهي. سندن موجب يورپ کي پنجن کان ستن هفتن ۾ وڏي پيماني تي ايئر پورٽس کي کوٽ درپيش ٿيندي. ٻئي پاسي سياسي پس منظر ۾ به غير يقيني پيدا ٿي وئي آهي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران هڪ طرفي جنگ بندي جي توسيع جي باوجود آبنائي هرمز کلي نٿو سگهي. ايران تازن ڏينهن ۾ ٽي ڪارگو جهازن تي حملو ڪيو ۽ ٻن کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو آهي. يورپي ڪميشن وڏي پيماني تي ٻارڻ جي کوٽ کان انڪار ڪيو آهي. پر ايئر لائن ۾ پهريان جي اڏامن ۾ گهٽتائي ڪري رهي آهي. لفٿانزا اعلان ڪيو آهي ته هو گرمين جي موسم دوران ٻارڻ بچائڻ لاءِ پنهنجي اڏامن ۾ 20 هزار جي گهٽتائي ڪندو. اٽلي جي ايئر پورٽس به گهٽتائي شروع ڪري ڇڏي آهي . يورپي يونين ايڪسليريٽ اي يو منصوبو پيش ڪيو آهي. ماهرن موجب اهو بحران يورپ کي پنهنجي فضائي ٻارڻ جي حڪمت عملي تي نظر ثاني ڪرڻ ۽ پائيدار متبادل ٻارڻ طرف تيزي سان قدم وڌائڻ تي مجبور ڪندو. ٻي صورت ۾ يورپ جي فضائي صنعت جنهن تي 14 ملين ملازمتن ۽ 851 ارب يورو جي معيشت جو دارومدار آهي، شديد خطري ۾ پئجي سگهي ٿو.