پاڪستان هن وقت پنهنجي سفارتي ۽ پرڏيهي پاليسي جي تاريخ ۾ اونچي مقام تي بيٺل آهي: راجا خليق الزمان انصاري

حيدرآباد-22 اپريل (اي پي پي) سنڌ بابت وفاقي حڪومت جي ترجمان راجا خليق الزمان انصاري چيو آهي ته پاڪستان هن وقت پنهنجي سفارتي ۽ پرڏيهي پاليسي جي تاريخ ۾ اونچي مقام تي بيٺل آهي ۽ اها ڪاميابي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سندس ٽيم جي اڻٿڪ محنت جو نتيجو آهي. هو ٽنڊو آدم ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ رئيس انور علي خان مريءَ طرفان ڏنل آجياڻي جي …

حيدرآباد-22 اپريل (اي پي پي) سنڌ بابت وفاقي حڪومت جي ترجمان راجا خليق الزمان انصاري چيو آهي ته پاڪستان هن وقت پنهنجي سفارتي ۽ پرڏيهي پاليسي جي تاريخ ۾ اونچي مقام تي بيٺل آهي ۽ اها ڪاميابي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سندس ٽيم جي اڻٿڪ محنت جو نتيجو آهي. هو ٽنڊو آدم ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ رئيس انور علي خان مريءَ طرفان ڏنل آجياڻي جي موقعي تي “اي پي پي” سان ڳالهائي رهيو. ان موقعي تي اڳوڻي ايم پي اي سورٺ ٿيٻو، قيس منصور شيخ، زينت منگي، طيبه بتول سميت ٻيون شخصيتون به موجود هيون. راجا خليق الزمان انصاري چيو ته وزيراعظم شهباز شريف عملي قدمن تي يقين رکي ٿو ۽ هن پنهنجي ويزن کي عملي جامو پهرائي ڏيکاريو آهي، جڏهن ته ماضيءَ جي حڪومتن صرف دعويٰ ڪئي ۽ نوجوانن کي گمراهه ڪيو. هن ٻُڌايو ته پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام تحت سڄي سنڌ جي 17 کان 18 يونيورسٽين ۾ هزارين ليپ ٽاپ ورهايا ويا. ان سلسلي ۾ خيرپور ضلعي جي شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ به اڄ ليپ ٽاپ اسڪيم تحت تقريب منعقد ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ سنڌ جو گورنر نهال هاشمي، وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر فرخ شفيق ۽ ٻيون اعليٰ شخصيتون شرڪت ڪنديون. سندس چوڻ هو ته حڪومت نوجوانن کي هنرمند بنائڻ لاءِ آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ عالمي معيار جا سرٽيفڪيٽس فراهم ڪري رهي آهي ته جيئن هو نه صرف ملڪ پر پرڏيهه ۾ به بهتر روزگار حاصل ڪري سگهن. ان کان علاوه اسڪالرشپس ۽ يوٿ ايمپاورمينٽ جي مختلف منصوبن تي به تيزيءَ سان ڪم جاري آهي. هن پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته هو وزيراعظم جي ويزن کي عملي شڪل ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. پرڏيهي پاليسيءَ تي ڳالهائيندي هن چيو ته پرڏيهي وزير ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان عالمي سطح تي اثرائتي سفارتڪاري ڪري رهيو آهي ۽ اهم ڳالهين ۾ ڪامياب ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن، جنگبندي ۽ معاشي استحڪام جو خواهشمند آهي ته جيئن مهانگائي ۾ گهٽتائي اچي ۽ خطي جي معيشت مضبوط ٿئي. خليق الزمان انصاري نوجوانن کي اپيل ڪئي ته هو انھن اڳواڻن کي سُڃاڻن جيڪي عملي طور تي انهن لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ ملڪ جي ترقيءَ لاءِ (ن) ليگ جو ساٿ ڏين. ان موقعي تي رئيس اختر مري، نعمان آرائين ۽ ٻيا به موجود هئا.