ڪراچي-22 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڌرتيءَ جي عالي ڏينهن (ارٿ ڊي) جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ڌرتيءَ جو تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، ڇو ته موسمياتي تبديلي، گدلاڻ ۽ غير فطري سرگرميون ڌرتيءَ کي سخت نقصان پهچائي رهيون آهن. هن چيو ته تيز گرمي، ٻوڏون ۽ ٻيا ماحولياتي خطرا اڳ ئي لکين ماڻهن کي متاثر ڪري …
ڌرتيءَ جو تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

مزید خبریں
ڪراچي-22 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڌرتيءَ جي عالي ڏينهن (ارٿ ڊي) جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ڌرتيءَ جو تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، ڇو ته موسمياتي تبديلي، گدلاڻ ۽ غير فطري سرگرميون ڌرتيءَ کي سخت نقصان پهچائي رهيون آهن. هن چيو ته تيز گرمي، ٻوڏون ۽ ٻيا ماحولياتي خطرا اڳ ئي لکين ماڻهن کي متاثر ڪري چڪا آهن، جڏهن ته ٻيلن جو خاتمو ۽ ايڪو سسٽم جي تباهي هڪ خطرناڪ رجحان بڻجي وئي آهي. وڏي وزير زور ڀريو ته صحتمند ايڪو سسٽم ئي خوشحال انسانن ۽ مضبوط مستقبل جي ضمانت آهن، تنهنڪري پائيدار ترقي لاءِ انسان ۽ فطرت وچ ۾ هم آهنگي وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪي آهي. سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ماحولياتي تحفظ لاءِ مختلف عملي قدم کڻي رهي آهي، جن ۾ وڻڪاري مهم، درياهه جي حفاظت، انڊس ڊيلٽا ۽ ٻيلن جي بحالي تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته سنڌ ڌرتيءَ کي سرسبز ۽ خوشحال بڻائڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ ايندڙ نسلن لاءِ صاف ۽ محفوظ ماحول کي يقيني بڻايو ويندو. وڏي وزير عوام کي اپيل ڪئي ته هو ماحول دوست زندگي اختيار ڪن ۽ توانائي سميت وسيلن جي استعمال ۾ احتياط ڪن، جيئن گڏجي پنهنجي ڌرتيءَ جي مستقبل کي محفوظ بڻائي سگهجي.










