صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر جي صدارت ۾ پاڪستان ڪپ ۾ شرڪت لاءِ سنڌ ڪرڪيٽ ٽيم جي جوڙجڪ بابت ٻيو اهم اجلاس منعقد

ڪراچي-22 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري وزير سردار محمد بخش مهر جي صدارت هيٺ پاڪستان ڪپ ۾ شرڪت لاءِ سنڌ ڪرڪيٽ ٽيم جي جوڙجڪ بابت ٻيو اهم اجلاس منعقد ٿيو. اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيل خبر موجب اجلاس ۾ راندين  واري سيڪريٽري منور علي مهيسر، ڊائريڪٽر اسد اسحاق، چيف انجنيئر محمد اسلم، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جا نمائندا ۽ اڳوڻا قومي …

ڪراچي-22 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري وزير سردار محمد بخش مهر جي صدارت هيٺ پاڪستان ڪپ ۾ شرڪت لاءِ سنڌ ڪرڪيٽ ٽيم جي جوڙجڪ بابت ٻيو اهم اجلاس منعقد ٿيو. اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيل خبر موجب اجلاس ۾ راندين  واري سيڪريٽري منور علي مهيسر، ڊائريڪٽر اسد اسحاق، چيف انجنيئر محمد اسلم، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جا نمائندا ۽ اڳوڻا قومي ڪرڪيٽر شامل ٿيا. اجلاس دوران سنڌ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي جوڙجڪ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ مختلف تجويزون پيش ڪيون ويون. شرڪت ڪندڙن ٽيم جي چونڊ جي طريقيڪار، ٽرائلز ۽ نوجوان رانديگرن کي موقعا فراهم ڪرڻ بابت معاملن تي خيال ونڊيا. ان موقعي تي صوبائي وزير چيو ته سنڌ جي نوجوانن کي مڪمل ميرٽ تي سنڌ ڪرڪيٽ ٽيم ۾ شامل ڪيو ويندو ته جيئن باصلاحيت رانديگرن کي اڳتي وڌڻ جو ڀرپور موقعو ملي سگهي.