پاڪستان جو نوجوان باصلاحيت آهي، جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ کين مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي: صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي

ڪراچي-22 اپريل (اي پي پي)سنڌ جي چوپائي مال ۽ ماهيگيري واري وزير محمد علي ملڪاڻي چيو آهي ته پاڪستان جو نوجوان باصلاحيت آهي، جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ کين مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سوشل ميڊيا تي غلط شيون اپلوڊ ڪرڻ وارن کي اڄ جو نوجوان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪري، ڇاڪاڻ ته ان سان معاشري ۾ سٺو تاثر نٿو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز …

ڪراچي-22 اپريل (اي پي پي)سنڌ جي چوپائي مال ۽ ماهيگيري واري وزير محمد علي ملڪاڻي چيو آهي ته پاڪستان جو نوجوان باصلاحيت آهي، جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ کين مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سوشل ميڊيا تي غلط شيون اپلوڊ ڪرڻ وارن کي اڄ جو نوجوان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪري، ڇاڪاڻ ته ان سان معاشري ۾ سٺو تاثر نٿو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز محمد علي ملڪاڻي اربع ڏينهن پنهنجي آفيس جي ڪميٽي روم ۾ پاڪستان يوٿ پارليامينٽيرينز جي هڪ آيل وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد جي سربراهي پاڪستان يوٿ پارليامينٽيرينز جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر نور ثناء، انفارميشن سيڪريٽري انوشا علي ڀٽي، ميمبر اسد علي پنهور، عبدالماجد، افضال رزاق ۽ ٻين ميمبرن ڪئي. وفد ۾ شامل ميمبرن صوبائي وزير کي پنهنجي پاران ٿيندڙ نيشنل ڪانفرنس ۽ سيمينار جي دعوت ڏني. صوبائي وزير کين پنهنجي آفيس ۾ ڀليڪار ڪيو ۽ چيو ته مستقبل جي معمارن کي سٺي سوچ جو  مالڪ هجڻ گهرجي ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ انٽرنيشنل ليول تي پنهنجون صلاحيتون اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته محنت ۽ لڳن سان ڪوبه ڏکيو ڪم آسان بڻائي سگهجي ٿو.