سڄي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال مجموعي طور بهتر ٿي، پر ڪراچي ۾ اسٽيرٽ ڪرائيم ۾ واڌ ڳڻتي جوڳي آهي: آءِ جي سنڌ پوليس

ڪراچي-22 اپريل (اي پي پي) آءِ جي سنڌ پوليس جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته سڄي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال مجموعي طور بهتر ٿي آهي، پر ڪراچي ۾ اسٽيرٽ ڪرائيم ۾ واڌ ڳڻتي جوڳي آهي. هن پوليس کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڪاررواين جو دائرو وڌايو وڃي ۽ عوامي تاثر کي بهتر بڻائڻ لاءِ پوليس پنهنجي ڪارڪردگي کي وڌيڪ مضبوط ۽ بهتر …

ڪراچي-22 اپريل (اي پي پي) آءِ جي سنڌ پوليس جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته سڄي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال مجموعي طور بهتر ٿي آهي، پر ڪراچي ۾ اسٽيرٽ ڪرائيم ۾ واڌ ڳڻتي جوڳي آهي. هن پوليس کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڪاررواين جو دائرو وڌايو وڃي ۽ عوامي تاثر کي بهتر بڻائڻ لاءِ پوليس پنهنجي ڪارڪردگي کي وڌيڪ مضبوط ۽ بهتر بڻائي. اهڙو اظهار هن سينٽرل پوليس آفيس ۾ صوبي اندر منشيات ۽ گٽڪا/ماوا مافياز خلاف پوليس جي ڪارروائين بابت اهم جائزه اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ اعليٰ پوليس عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته ٻين ڊويزنز جا آفيسر وڊيو لنڪ ذريعي شامل ٿيا. اجلاس دوران اسپيشل برانچ طرفان بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هلندڙ مهيني اي پلس ڪيٽيگري ۾ شامل منشيات ۽ گٽڪا/ماوا مافياز خلاف صوبي ۾ اثرائتيون ڪارروايون ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ٽاسڪ فورس جي ڪارڪردگي ۽ روزانو جي ڪاررواين بابت پڻ تفصيلي آگاهي ڏني وئي. آءِ جي سنڌ ڪارروائين تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته منشيات ۽ گٽڪا/ماوا مافياز خلاف آپريشن وڌيڪ تيز ۽ سخت بڻايو وڃي، خاص طور انهن ڏوهارين خلاف جيڪي ضمانت تي آزاد ٿي ٻيهر سرگرم ٿي رهيا آهن۔ هن ضلعي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته مافياز ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف به قانوني ڪارروائي يقيني بڻائي وڃي. آءِ جي سنڌ پوليس سڀني ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز کي هدايت ڪئي ته منشيات ۽ گٽڪا/ماوا مافياز بابت ڊيٽا اسپيشل برانچ سان گڏ اپڊيٽ رکي وڃي ۽ صوبي ۾ بنا فرق جي ڪريڪ ڊائون کي يقيني بڻايو وڃي، جڏهن ته غفلت يا لاپرواهي ڪنهن به صورت برداشت نه ڪئي ويندي. اي