سنڌ حڪومت جي ماحول دوست ويزن تحت سنڌ ڪوسٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي ملير جي علائقي ۾ فلوٽنگ جيٽي ۽ ڪميونٽي سينٽر جو افتتاح

ڪراچي-22 اپريل (اي پي پي)سنڌ حڪومت جي ماحول دوست ويزن تحت سنڌ ڪوسٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي ملير جي علائقي لٺ بستي ۾ فلوٽنگ جيٽي ۽ ڪميونٽي سينٽر جو افتتاح ڪيو ويو آهي. اطلاعات کاتي سنڌ پاران جاري ڪيل خبر موجب افتتاحي تقريب ۾ وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار دوست محمد راهمون سميت اهم نمائندن، آفيسرن ۽ مقامي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي صلاحڪار دوست محمد راهمون چيو ته منصوبي سان …

ڪراچي-22 اپريل (اي پي پي)سنڌ حڪومت جي ماحول دوست ويزن تحت سنڌ ڪوسٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي ملير جي علائقي لٺ بستي ۾ فلوٽنگ جيٽي ۽ ڪميونٽي سينٽر جو افتتاح ڪيو ويو آهي. اطلاعات کاتي سنڌ پاران جاري ڪيل خبر موجب افتتاحي تقريب ۾ وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار دوست محمد راهمون سميت اهم نمائندن، آفيسرن ۽ مقامي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي صلاحڪار دوست محمد راهمون چيو ته منصوبي سان مهاڻن کي ٻيڙين جي محفوظ بيهڪ، اچ وڃ ۾ آساني ۽ روزگار جا بهتر موقعا ملندا، جڏهن ته ڪميونٽي سينٽر سماجي ۽ تعليمي سرگرمين جو مرڪز بڻجندو۔ اختيارين موجب 32 ٽن وزن کڻڻ جي صلاحيت رکندڙ فلوٽنگ جيٽي ساحلي ترقي لاءِ اهم قدم آهي۔مقامي رهواسين منصوبي کي ڀليڪار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ان سان علائقي جي ترقي ۽ بنيادي سهولتن ۾ نمايان بهتري ايندي.