لاڙڪاڻو _ 22 اپريل (اي پي پي) نجات مهراڻ آپريشن جي وڌندڙ دٻاءُ جي نتيجي ۾ انتهائي سنگين نوعيت جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ اشتهاري، روپوش ۽ گهربل ٽن ڌاڙيلن هٿيار ڦٽا ڪري گرفتاري پيش ڪري ڇڏي آهي.آءِ جي سنڌ پوليس جاويد عالم اوڍو جي جاري ڪيل حڪمن جي روشني ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب جي قيادت ۽ مؤثر حڪمت عملي جي نتيجي ۾ ڌاڙيلن خلاف نجات مهراڻ …
لاڙڪاڻو ۾ نجات مهراڻ آپريشن جو دٻاءُ، روپوش ۽ گهربل 3 ڌاڙيلن هٿيار اڇلي گرفتار ڏئي ڇڏي، هڪ ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار

مزید خبریں
لاڙڪاڻو _ 22 اپريل (اي پي پي) نجات مهراڻ آپريشن جي وڌندڙ دٻاءُ جي نتيجي ۾ انتهائي سنگين نوعيت جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ اشتهاري، روپوش ۽ گهربل ٽن ڌاڙيلن هٿيار ڦٽا ڪري گرفتاري پيش ڪري ڇڏي آهي.آءِ جي سنڌ پوليس جاويد عالم اوڍو جي جاري ڪيل حڪمن جي روشني ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب جي قيادت ۽ مؤثر حڪمت عملي جي نتيجي ۾ ڌاڙيلن خلاف نجات مهراڻ آپريشن ۾ لاڙڪاڻو رينج پوليس، وفاقي سول انٽيليجنس ايجنسي ۽ سنڌ رينجرز پاران ڪچي جي ڌاڙيلن/اغواڪارن کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ يا وري پوليس آپريشن دوران پنهنجي منطقي انجام لاءِ تيار رهڻ جي واضح پيغام جي نتيجي ۾ ڪشمور پوليس جي اهم ڪاميابي هيٺ ٽن انتهائي گهربل ۽ خطرناڪ ڌاڙيلن اي سيڪشن ٿاڻي ڪنڌڪوٽ، پي پي سي سيڪشن ڪنڌڪوٽ ۾ پاڻ کي قانون حوالي ڪري ڇڏيو. هٿيار ڦٽا ڪرڻ وارن ۾ ساجن ولد علي بخش سبزوئي، نادر علي ولد ٽلڻ سبزوئي ۽ لال زادو ولد نورحسن نصيراڻي شامل آهن.جوابدار قتل، قتل جي ڪوشش، ڌاڙن، پوليس مقابلا، ڦرلٽ، دهشتگردي ۽ ٻين سنگين ڏوهن ۾ پوليس کي انتهائي گهربل هئا. جڏهن ته ٻئي طرف پوليس گشت دوران ماهوٽا ٿاڻي جي حد آگاڻي لنڪ روڊ تي مقابلي کانپوءِ هڪ ڌاڙيل وسيم گاڏهي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان هڪ عدد پستول ۽ ميگزين هٿ ڪري ورتو، جڏهن ته فرار ٿي ويل ڌاڙيلن جي گرفتاري لاءِ آگاڻي لنڪ روڊ واري علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو.











