جرمني پاران اسرائيل يورپي يونين تعاون جي معاهدي کي ملتوي  ڪرڻ جا مطالبا رد

لگزمبرگ- 22 اپريل (اي پي پي) جرمني اسرائيل يورپي يونين تعاون معاهدي کي ملتوي ڪرڻ جي مطالبن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب  اسپين ۽ آئرلينڊ لگزمبرگ ۾ يورپي يونين جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ ٻيهر معاهدي کي ملتوي ڪرڻ جو معاملو اٿاريو هو، پر جرمني جي پرڏيهي وزير ان تجويز کي "نامناسب" قرار ڏنو. هن اجلاس جي شروعات ۾ چيو ته اسان کي اهم معاملن تي اسرائيل …

لگزمبرگ- 22 اپريل (اي پي پي) جرمني اسرائيل يورپي يونين تعاون معاهدي کي ملتوي ڪرڻ جي مطالبن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب  اسپين ۽ آئرلينڊ لگزمبرگ ۾ يورپي يونين جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ ٻيهر معاهدي کي ملتوي ڪرڻ جو معاملو اٿاريو هو، پر جرمني جي پرڏيهي وزير ان تجويز کي "نامناسب” قرار ڏنو. هن اجلاس جي شروعات ۾ چيو ته اسان کي اهم معاملن تي اسرائيل سان ڳالهائڻ جي ضرورت آهي. ان مسئلي تي اسرائيل سان تنقيدي، تعميري ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي  ان  لاءِ اسان موجود آهيون. لبنان تي اسرائيلي حملي ۽ والاريل اولهه ڪناري ۾ فلسطينين لاءِ موت جي سزا جي نئين قانون کان پوءِ يورپي يونين جي ميمبر ملڪن جو اسرائيل سان رويو، جيڪو اڳ ۾ ئي غزه جنگ ۾ ان جي  رويي تي سخت هو، وڌيڪ سخت ٿي ويو آهي. آئرلينڊ جي پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي ان تي عمل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اسان جا بنيادي قدر محفوظ رهن.