آسٽريليا پاران عالمي سطح تي غير يقيني جي صورتحال سبب اضافي ڊيزل جي فراهمي جو اعلان

ڪينبرا-22 اپريل (اي پي پي) آسٽريليا جي وزيراعظم چيو آهي ته عالمي سطح تي غير يقيني جي صورتحال سبب اضافي ڊيزل جي فراهمي يقيني بڻائي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب وزيراعظم چيو ته حڪومت بي پي ۽ ويو انرجي جي سهڪار سان ڊيزل جون چار کيپون حاصل ڪيون آهن. هن چيو ته انهن مان ٻه کيپون سائوٿ ڪوريا جڏهن ته هڪ هڪ ملائيشيا مان حاصل ڪيون ويون آهن. جنهن  جو مجموعي ڪاٿو …

ڪينبرا-22 اپريل (اي پي پي) آسٽريليا جي وزيراعظم چيو آهي ته عالمي سطح تي غير يقيني جي صورتحال سبب اضافي ڊيزل جي فراهمي يقيني بڻائي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب وزيراعظم چيو ته حڪومت بي پي ۽ ويو انرجي جي سهڪار سان ڊيزل جون چار کيپون حاصل ڪيون آهن. هن چيو ته انهن مان ٻه کيپون سائوٿ ڪوريا جڏهن ته هڪ هڪ ملائيشيا مان حاصل ڪيون ويون آهن. جنهن  جو مجموعي ڪاٿو 200 ملين ليٽر آهي. وزيراعظم جو چوڻ هيو ته حڪومت عالمي سطٽ تي اگهن جي گهٽ وڌائي دوران ملڪ ۾ گيس جي لڳاتار فراهمي يقيني بنائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي جڏهن ته وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي لاءِ به ڪوششون جاري رهنديون.