بيجنگ -21 اپريل (اي پي پي) چين ايندڙ سال 2027ع ۾ شنگهائي ۾ گڏيل قومن جي ايشيا بحرالڪاهل اقتصادي ۽ سماجي ڪميشن جي اجلاس جي ميزباني جي آڇ ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي نائب پرڏيهي وزير، ٿائيلينڊ جي گادي واري هنڌ بينڪاڪ ۾ منعقد گڏيل قومن جي ايشيا بحر الڪاهل اقتصادي ۽ سماجي ڪميشن جي 82هين سالياني اجلاس جي وزارتي سطح جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ خطاب …
چين پاران 2027ع ۾ شنگهائي ۾ گڏيل قومن جي ايشيا بحرالڪاهل جي اقتصادي ۽ سماجي ڪميشن جي اجلاس جي ميزباني جي آڇ

مزید خبریں
بيجنگ -21 اپريل (اي پي پي) چين ايندڙ سال 2027ع ۾ شنگهائي ۾ گڏيل قومن جي ايشيا بحرالڪاهل اقتصادي ۽ سماجي ڪميشن جي اجلاس جي ميزباني جي آڇ ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي نائب پرڏيهي وزير، ٿائيلينڊ جي گادي واري هنڌ بينڪاڪ ۾ منعقد گڏيل قومن جي ايشيا بحر الڪاهل اقتصادي ۽ سماجي ڪميشن جي 82هين سالياني اجلاس جي وزارتي سطح جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ خطاب ڪيو. هن چيو ته ايندڙ سال ايشيا بحر الڪاهل اقتصادي ۽ سماجي ڪميشن جي قيام کي 80 سال مڪمل ٿي ويندا. چين ان موقعي تي اپريل 2027ع ۾ ان ڪميشن جي قيام واري هنڌ شنگهائي ۾ 83هين سالياني اجلاس جي ميزباني ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته چين ان اجلاس کي هڪ اهم موقعي طور ڏسي ٿو ۽ اميد رکي ٿو ته ان ذريعي سمورن ميمبر ملڪن سان گڏجي شروعاتي مقصدن ۽ ذميوارين کي ٻيهر ياد ڪيو ويندو، گڏيل فائدي تي ٻڌل سهڪار کي وڌيڪ گهرو ڪيو ويندو ۽ ايشيا بحر الڪاهل ڪميٽي جي جوڙجڪ لاءِ وڌيڪ ڪردار ادا ڪيو ويندو.











